ميروخان (ن پ ا ) کوسا برادري جي عورتن جنت خاتون، آمنت خاتون، شهزادي  کوسو ضلعي انتظاميا، پوليس ۽ بااثر جي مبينا زيادتين خلاف ڳوٺ پيارو مگسي لڳ ٺهندڙ لنڪ روڊ تي کٽ تي قرآن پاڪ رکي احتجاج ڪندي چيو ته روڊس کاتو ۽ ضلعي انتظاميا جنهن ۾ ڊي سي، ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ شامل آهن اسان جي ڳوٺ پيارو مگسي ڀرسان 150 جريب زرعي زمين کي آباد ڪندڙ واٽر ڪورس واري رستي تي زبردستي روڊ ٺاهڻ واري ڳالھه تي بضد آهن، روڊ ٺاهيو ويو ته اسان جي 150 جريب زرعي زمين غيرآباد ٿي ويندي. عورتن گهر ڪئي ته روڊ جو تعميراتي ڪم بند ڪرائي اسان جي مردن خلاف داخل ڪيس ختم ڪري تحفظ ۽ انصاف فراهم ڪيو وڃي.