ميروخان (ن پ ا ) ميروخان ۾ مشهور درگاھ ميان حامد الله حضوري جو 239 هون هڪ ڏينهن وارو عرس مبارڪ ملهايو ويو، گادي نشين علامه ميان محمد شاهجهان حضوري درگاھ تي چادر چاڙهي افتتاح ڪيو،گادي نشين چيو ته سنڌ اوليائن، ولين، پيرن، فقيرن ۽ بزرگن جي ڌرتي آهي، جن پنهنجي حيات ۾ ۽ رحلت کان پوءِ به درگاهن وسيلي پيار محبت، امن، ٻڌي ۽ ڀائيچاري جو پيغام ڏنو آهي. گادي نشين علامه محمد شاهجهان حضوري درگاھ جي مريدن ۽ عقيدتمندن کي هدايت ڪئي ته هن وقت برساتن بعد ٻوڏ جا ڏکيا حالات آهن اهڙن حالاتن ۾ پنهنجي پاڙيسرين، غريبن، لاچارن ۽ مصيبت جي ماريل ماڻهن جي پنهنجي وس آهر هر ممڪن مدد ڪن.