ميروخان (ن پ ا ) ڳوٺ پيارو مگسي جي رهواسين پاران روڊ جو تعميراتي ڪم ۽ رستو بند ڪرائڻ کان پوءِ پوليس  ۽  ڳوٺاڻن ۾ پيدا ٿيل ڇڪتاڻ جو ميروخان ٿاڻي تي ايس ايڇ او جي فرياد تي کوسا برادري جي الهڏنو، الهورايو، رياض، محمد تڳيل، مظفر، اعظم، امين، سجاد کوسو سميت 14 سڃاتل ۽ 45 اڻ سڃاتل ڳوٺاڻن کي جوابدار نامزد ڪري سندن خلاف ڊيوٽي اٽڪاءُ جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهيفريادي موقف اختيار ڪيو ته ڊي سي قمبر ۽ مختيار ڪار سجاول جوڻيجو جي حڪم تي ڳوٺ پَڻيان لڳ روڊ جي بند ڪرايل تعميراتي ڪم کي بحال ڪرائڻ لاءِ ايس ڊي او روڊس ۽ ٻين سرڪاري عملدارن  کي پوليس پروٽيڪشن ڏيڻ لاءِ ڳوٺ پيارو مگسي لڳ ٺهندڙ لنڪ روڊ تي وياسين ته روڊ جي تعميراتي ڪم تي اعتراض ڪندڙ  کوسا برادري جي ڳوٺاڻن لٺين ۽  ڪهاڙين سان حملو ڪري 4 پوليس اهلڪارن علي گل لاشاري، آصف جمالي، وقار جمالي ۽ عامر علي کي لٺيون هڻي زخمي ڪري ڇڏيو ان کان علاوه سرڪاري موبائل جا شيشا پڻ ڀڇي ڇڏيا. ٻي پاسي ڳوٺ پيارو مگسي جي متاثر کوسا برادري جي ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته ضلعي انتظاميا ۽ پوليس ڪجهه بااثر ماڻهن کان ڳري رشوت وٺي انهن جي چوڻ تي ڏاڍ مڙسي ڪري اسان جي 150 جريب زرعي زمين مان زبردستي روڊ ٺاهي زمين کي غيرآباد ڪرڻ چاهين ٿا جنهن تي مزاحمت ڪرڻ کان پوءِ ميروخان پوليس وانگارو وارو ڪردار ادا ڪندين اسان جي 14 سڃاتل ۽ 45 اڻ سڃاتل ماڻهن ڊيوٽي اٽڪاءُ جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪري ظلم ڪيو ويو آهي.شفاف جاچ ڪرائي انصاف ڪيو وڃي.