ميروخان/ ڪڙيو گهنور (نمائندن وٽان)ميروخان ۾ جسقم ڪارڪنن پاران صوبدار  جتوئي ،محمد حسن جتوئي ،نديم ٻٻر، اختيار دايو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ جسقم هائوس گلشن آباد کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي.ڪڙيوگهنور ۾ جسقم پاران عظيم  سنڌي،  اسحاق سوڊر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پيادل مارچ ڪري فاضل راهو چوڪ تي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.  ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته حيدرآباد ۾ افغاني هٿان بلال ڪاڪا جو قتل سنڌ جي شعور جو قتل آهي. هنن چيو ته سنڌ ۾ هٿ وٺي ڌارين کي آباد ڪري سنڌين کان ڌرتي ۽ ان جي وسيلن جا اختيار کسي بلال ڪاڪا جهڙن ڌرتي ڌڻين کي بي دردي سان قتل ڪيو پيو وڃي جيڪو عمل ڪنهن به صورت ۾ برداشت جوڳو ناهي هنن مطالبو ڪيو ته بلال ڪاڪا جي قتل ۾ ملوث افغاني پٺاڻن کي عبرتناڪ سزا ڏني وڃي ۽ سنڌ ۾ آباد ڌارين کي سنڌ نيڪالي ڏني وڃي.