ميروخان (ن پ ا ) ميروخان ٽائون جي ملازمن ڊسمبر مهيني جي پگهار ۽ رٽائرڊ ملازمن کي پينشن نه ملڻ خلاف ڪم ڇڏ هڙتال ڪري اظهر گوپانگ، اورنگزيب ابڙو، عبدالمجيد شيخ، غلام حسين چنو، عرفان تونيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ٽائون آفيس کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي ٽائون آفيسر امداد کوکر خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي.  ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته ڊسمبر مهيني وارن بلن ۽ چيڪن تي ايڊمنسٽرير آغا شاهد پٺاڻ سگنيچر ڪري ڇڏي آهي. پر ٽائون آفيسر امداد کوکر بلن ۽ چيڪ تي صحيح ڪرڻ لاءِ تيار ناهي.پگهار ۽ پينشن رٽائرڊ ۽ فوت ٿي ويل ملازمن جو حق آهي، ٽائون آفيسر کي پابند بڻائي فوري پگهارون ڏيو نه ته ٻي صورت ۾ ٽائون آفيس کي تالا هڻي مڪمل ڪم ڇڏ هڙتال ڪري سخت احتجاج ڪبو.