ميروخان (ن پ ا ) ميروخان ٽائون جي ملازمن مير حسن سومرو، محمد ايوب ابڙو، بخت ڪلهوڙو ،انصاف لڪ ،فدا حسين گوپانگ جي اڳواڻي ۾ پگهارون نه ملڻ خلاف اٺين ڏينهن آفيس کي تالا هڻي مک گيٽ اڳيان قناتون هڻي احتجاج ڪيو. اڳواڻن جو چوڻ هو ته ننڍا ملازم آهيون، اسان جو گذر سفر پگهار تي آهي، ٽائون آفيسر امداد کوکر نه آفيس اچي ٿو نه ئي پگهار جي بلن تي صحيح ڪري ٿو، پگهار ڏئي انصاف ڪيو وڃي نه ته ٻي صورت ۾ سخت احتجاج جو سلسلو جاري رهندو.