ميروخان (ن پ ا )  ميروخان ۾ ٽائون ملازمن پگهارن مان ڪٽوتي خلاف مصب گوپانگ، اورنگزيب ابڙو، اسحاق ڀٽي، حسن سولنگي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ٽائون آفيس جي مک گيٽ آڏو ڌرڻو هنيو. ملازمن جو چوڻ هو ته هڪ پاسي برساتن ۾ گهر ڊهي پيا آهن ته ٻي پاسي ٽائون انتظاميا پگهارن مان ڪٽوتي ڪري ناانصافي ڪئي آهي، گذر سفر صرف پگهار تي آهي، اڌ پگهار تي گذارو ڪيئن ڪنداسين.  ايڊمنسٽريٽر شڪيل وسطڙو پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته ٽائون ۾ ملازمن جو تعداد 4 سو کان مٿي آهن، جڏهن ته ماهوار بجيٽ گهٽ آهي ۽ تازين برساتن ۾ شهر مان برسات جو پاڻي نيڪال ڪرڻ تي تمام گهڻو خرچ ٿيو آهي.گوسڙو ۽ ڊيوٽيون ڪرڻ بدران گهر ويٺي پگهارون کڻندڙ ملازمن جي پگهارن مان مناسب ڪٽوتي ڪئي آهي، باقي ڊيوٽي ڪندڙ ملازمن جي مڪمل پگهار ڪئي وئي آهي.