ميروخان (ن پ ا) ميروخان ويجهو شهدادڪوٽ ميروخان کي ملائيندڙ پل هلندڙ ڪم دوران ڊهي پئي. اوڀايو خاصخيلي چوڪ وٽ وڏي سم شاخ جي پل ڊهڻ سبب ٽريفڪ جي اچ وڃ معطل ٿي وئي آهي، ڳوٺاڻن غلام نبي خاصخيلي، سراج جانوري، صدام خاصخيلي، امداد لنجواڻي، حاتم چانڊيو، صلاح مغيري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ٺيڪيدار خلاف مظاهرو ڪيو. هنن چيو ته ٺيڪيدار منور ابڙو پاران ناقص مٽيريل استعمال ڪرڻ سبب پل ٺهڻ کان اڳ ئي ڊهي پئي آهي، هنن معاملي جي جاچ جو مطالبو ڪيو.