ميروخان (ن پ ا ) ميروخان جي عيد گاهه پاڙي مان ڏيڍ مهينو اڳ گم ٿيل 16 ورهين جي حافظ قرآن فضل الرحمان بکراڻي جو پتو نه پوڻ تي وارثن اغوا جو شڪ ظاهر ڪيوآهي. حافظ محمد يعقوب بکراڻي پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته پٽ فضل الرحمان بکراڻي 11 جون تي موبائل  وٺڻ لاءِ نڪتو ته واپس ناهي آيو،  شڪ آهي ته پٽ کي اغوا ڪيو ويو آهي. پوليس موجب نينگر  جي موبائل ٽريس جي مدد سان ان ۾ سم نمبر استعمال ڪندڙ هڪ ڄڻي کي گرفتار ڪيو آهي، جنهن پڇا ڳاڇا دوران اهم انڪشاف ڪيا آهن.جاچ آفيسر نادر ڀنگر جو وڌيڪ چوڻ هو ته ڪوشش آهي ته ان ۾ ملوث باقي جوابدارن کي جلد گرفتار ڪري نينگر حافظ فضل الرحمان بکراڻي جو پتو لڳائي بازياب ڪرايو ويندو.