ميرواھ گورچاڻي (ن پ ا) ميرواهه گورچاڻي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ پيئڻ جي پاڻيءَ جو بحران شدت اختيار ڪري ويو آهي، جنهن ڪري شهر ۽ ڀرپاسي جي هڪ لک آبادي جر جو کارو پاڻي به پئسن عيوض ڀرائڻ تي مجبور آهي، جڏهن ته شهر جي واٽر سپلاءِ اسڪيم جي تلائن جو ذخيرو ٿيل پاڻي به گذريل 15 ڏينهن کان ختم ٿيل آهي، ان ڏس ۾ سياسي سماجي اڳواڻن حنيف گورچاڻي، اشوڪ ميگھواڙ، ملڪ مشتاق، اسماعيل خلجي، راڻا جاويد، حنيف راجپوت ۽ ٻين احتجاج ڪندي ٻڌايو ته پبلڪ هيلٿ کاتي جي نااهلي سبب پاڻي جو بحران پيدا ٿيو آهي، هنن چتاءُ ڏيندي چيو ته جيڪڏهن ٽن ڏينهن اندر واهن ۽ شاخن ۾ پاڻي نه ڇڏيو ويو ته ايريگيشن اختيارين خلاف روڊن تي نڪري سخت احتجاج ڪيو ويندو،