ميرواهه گورچاڻي (ن پ ا) ميرواهه گورچاڻي ۾ اصغريا آرگنائيزيشن پاڪستان جي زيرنگراني هيٺ ڪمفرٽ ايڊ انٽرنيشنل تنظيم جي سهڪار سان برسات متاثر غريب مستحق خاندانن جي 56 جوڙن جي اجتماعي شادي ڪرائي وئي، ان ڏس ۾ مولانا معراج حسين روحاني خصوصي طور شرڪت ڪري جوڙن جو نڪاح پڙهيو، جنهن کانپوءِ  مهمانن کي دعوت کارائي وئي، تقريب ۾ محمد زمان جعفري، محبوب جعفري، مظفر خاصخيلي، منصور خاصخيلي، نواز علي سمون، عالم گورچاڻي، منور گورچاڻي، اختر لاشاري، حنيف جعفري ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته اسان انسانيت جي فلاح ۽ بهبود لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون ڇو ته غريب، لاچار ۽ مسڪين خاندانن جي ڪفالت ڪرڻ کان وڏي ڪا ٻي عبادت نه آهي، هنن چيو ته اهڙن بي سهارا خاندانن جيڪي وڌندڙ مهانگائي ۽ برساتن جي تباهڪاري سبب گهر ۾ شادي نه پئي ڪرائي سگهيا انهن ڇوڪرن  ۽ ڇوڪرين جون شاديون ڪرايون آهن.