ميرپورخاص (رپورٽ: روي شنڪر مالھي) ميرواهه گورچاڻي ۾ بُهه جي معمولي ڳالهه تان قتل ٿيل نوجوان جو ٽن ڄڻن تي ڪيس داخل، گرفتاري عمل ۾ نه آئي. ميرواهه گورچاڻي ۾ گذريل ڏينهن مارجي ويل ممتاز علي گورچاڻي جي قتل جو ڪيس سندس والد الھبچايو جي فرياد تي 3 جوابدارن راشد، رفاقت ۽ خالد تي داخل ڪيو ويو. ميرواهه گورچاڻي ٿاڻي تي داخل ايف آءِ آر ۾ قتل ۽ ارادات قتل جا سيڪشن لڳايا ويا آهن. ٻئي طرف پوليس ڪيس ۾ داخل ڪوبه جوابدار گرفتار نه ڪري سگھي آهي، جنهن سبب وارثن ۾ سخت ڪاوڙ جي لھر پکڙيل آهي. قتل ٿيل نوجوان ممتاز علي گورچاڻي جي جنازي نماز اباڻي ڳوٺ موريو خان گورچاڻي ۾ ادا ڪئي وئي، نوجوان جي مڙهه کي سوين آلين اکين ۽ سڏڪن سان اباڻي قبرستان درگاهه ملوڪ شاهه بخاري ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. نوجوان جي تدفين جي موقعي تي ڳوٺ ۾ وڏي انگ ۾ پوليس نفري مقرر ڪئي وئي هئي. جڏھن ته ڪيترائي ڪلاڪ گذرڻ باوجود ميرواهه گورچاڻي پوليس جوابدارن کي گرفتار نه ڪري سگھي. ذريعن موجب قتل ۾ ملوث جوابدار جي فرار ٿي وڃڻ تي پوليس قتل جي الزام هيٺ آيل راشد جٽ جي والد ۽ گھر وارن کي عيوضي ۾ گرفتار ڪري نامعلوم هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو. پوليس ذريعن موجب قتل بعد ڇڪتاڻ کي وڌڻ ۽ ڪنهن جاني نقصان کان بچڻ لاءِ پوليس پاران قتل ۾ ملوث جوابدار جي والد سميت ٻين گھر وارن کي حفاظتي اپائن تحت ڳوٺان کڻي نامعلوم هنڌ منتقل ڪيو آهي.