ميرواهه گورچاڻي (ن پ ا) ميرواهه گورچاڻي جي ڳوٺ پريو خان ڪورائي جي رهواسين برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ ۽ امدادي راشن نه ملڻ خلاف ڪامريڊ ڪرشن ڪولهي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، هنن چيو ته ڊگهڙي جي انتظاميا اسان جي ڳوٺ کي مڪمل طور نظر انداز ڪري ڇڏيو آهي، هنن مطالبو ڪيو ته راشن ڏئي مسئلو حل ڪيو وڃي،