ميرواهه گورچاڻي (ن پ ا) ميرواهه گورچاڻي ڀرسان ڪار ۽ موٽر سائيڪل ۾ ٽڪر، هڪ ڄڻو فوت، ٻيو زخمي، خبر موجب ٻيلهاڙو شاخ مين ميرپورخاص روڊ تي گذريل رات دير سان تيز رفتار ڪار ۽ موٽر سائيڪل ۾ ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ موٽر سائيڪل تي سوار بلوچ فارم واسي کيمچند ڀيل ۽ هرچند ڀيل سخت زخمي ٿي پيا، جن کي ميرپورخاص سول اسپتال نيو ويو، جتي علاج دوران هڪ ڄڻو کيمچند چند ڀيل زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو، نوجوان جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، ڪار تحويل ۾ وٺي وڌيڪ جاچ ڪري رهي آهي