ميرواهه گورچاڻي (ن پ ا) ميرواهه گورچاڻي ڀرسان فوجي جوان  گذريل 4 ڏينهن کان پراسرار نموني گم، وارث پريشان،پوليس ۽ پاڪ آرمي کي ڳولا ۾ مدد جي اپيل، خبر موجب جهلوري واسي فوجي جوان محمد عاصم راجپوت گذريل چئن ڏينهن کان پراسرار نموني گم ٿي ويو آهي، سندس گمشدگي جو اطلاع جهلوري پوليس ۽ 15 مددگار کي ڏنو ويو، گم ٿيل نوجوان جي والد ٻڌايو  ته سندس پٽ موڪل تي ڳوٺ آيل هو، گذريل 12 تاريخ تي واپس ڪوئيٽا ڊيوٽي تي وڃڻ جو چئي گهران نڪتو پر هو اڃا تائين پنهنجي لاڳاپيل يونٽ 33 پنجاب ۾ نه پهتو آهي، هن پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي فوجي جوان جي ڳولا ۾ مدد ڪرڻ جي اپيل ڪئي.