ميرا جي انگريزي وري ترڪي پئي، سوشل ميڊيا تي چرچا

0
255

لاهور(شوبز نيوز) اداڪارا ميرا جي انگريزي وري ترڪي پئي، سوشل ميڊيا تي چرچا ٿيڻ لڳا. تفصيل موجب غلط سلط انگريزي ڳالهائڻ

جي حوالي سان هر وقت سوشل ميڊيا تي تنقيد جي نشاني تي رهندڙ ميرا هڪ ڀيرو ٻيهر غلط جملو ڳالهائي تنقيد جي ور چڙهي وئي. اداڪارا لڪس ايوارڊ لاءِ شي جو لفظ استعمال ڪندي انگريزي ڳالهائي هن چيو ته آءِ ايم گهڻي خوش آهيان. سندس اها وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي جنهن بعد سوشل ميڊيا تي مداحن تنقيد شروع ڪري ڏني آهي.