ميرا جو مذاق اڏائيندڙن کي انگريزي ته ڇا اردو به نٿي اچي:زرنش

0
207
ميرا جو مذاق اڏائيندڙن کي انگريزي ته ڇا اردو به نٿي اچي:زرنش
ميرا جو مذاق اڏائيندڙن کي انگريزي ته ڇا اردو به نٿي اچي:زرنش

ڪراچي(شوبز نيوز) اداڪارا زرنش خان ميرا جي حمايت ۾ سامهون اچي وئي سندس چوڻ آهي ته ميرا جو مذاق اڏائيندڙن کي انگريزي ته ڇا اردو به نٿي اچي.

پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽ انسٽاگرام تي زرنش خان پوسٽ شيئر ڪندي لکيو آهي ته ميمز ۽ وڊيو ڪلپ ٺاهيندڙن جو تعلق بي وقوفن جي گروهه سان آهي.

هن چيو ته جيڪڏهن انگريزي اچي ٿي ته اچو آئون اوهان سان مقابلو ٿي ڪريان. هن چيو ته ميرا اسان جي سينئر اداڪارا آهي هن شوبز لاءِ وڏيون خدمتون سرانجام ڏنيون آهن انڪري اسان سڀني کي سندس عزت ڪرڻ گهرجي

جيڪڏهن اسين پنهنجي فنڪارن جو احترام نه ڪنداسين ته پوءِ ڪير ڪندو؟