ميدان ۽ مقابلو!!

0
270
خوف جو خاتمو ...!!

 حڪومت پنهنجي چال چلي. هن تحريڪ انصاف جي سمورن ايم اين ايز جي استعيفيٰ منظور نه ڪئي. صرف 11 ميمبرن جو مستعفي ٿيڻ قبول ڪيو. ڇو؟ ڇو ته حڪومت پنهنجي حياتيءَ جون ڪجهه لائف لائنون (Life Lines) سيٽن جي صورت وڌائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.عمران خان ان چال جو توڙ پيش ڪندي 9 سيٽن تي پاڻ مقابلو ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. هن وقت عمران خان جي اها وڊيو ڪلپ وائرل آهي، جنهن ۾ هو پنجابيءَ ۾ چوي ٿو ته “تاڊي واسطي تي مين ڪلا هي ڪافي آن”

                 هڪ طرف عمران اڪيلو چونڊ وڙهڻ جو اعلان ڪيو آهي ۽ ٻئي طرف هن جي پارٽي عدالت ۾ وئي آهي ۽ هن اهو موقف اختيار ڪيو آهي ته انهن جي سمورن ايم اين ايز جون استعيفائون قبول ڇو نه ڪيون ويون آهن؟ ان جو مطلب اهو آهي ته عمران خان نه ٿو چاهي ته ڪا ننڍي چونڊ ٿئي. هو جلد کان جلد عام چونڊن جو اعلان ٻڌڻ گهري ٿو. جيڪڏهن عدالت هن جي حق ۾ فيصلو نه ٿي ڏئي ۽ انهن 9 سيٽن تي مقابلو ٿئي ٿو ته ڪهڙو عام اميدوار عمران خان کان کٽي سگهندو؟ اهو ته مقابلو ئي نه هوندو. پر مقابلو ته ٿيڻ گهرجي!

حڪومتي اتحاد ۾ شامل اڳواڻن ۾ ايتري سياسي جرئت هجڻ گهرجي جو اهي عمران خان کي هارائڻ لاءِ اڳيان اچن؟

هڪ گمنام اميدوار عمران خان جهڙي سياسي پهلوان سان ڪهڙو مقابلو ڪري سگهندو؟ ڪنهن به گيم ۾ اهو نه ٿيندو آهي. مقابلي ۾ جوڙ جا ملهه ميدان ۾ لاٿا ويندا آهن.

عمران جو مقابلو به انهن اڳواڻن کي ڪرڻ گهرجي، جيڪي عمران وانگر پارٽين جا پاپولر قائد هجن. پوءِ ايندو مقابلي ۾ مزو!!

پاڪستان سياسي تماشن جي اسٽيج رهندو آيو آهي. ان حوالي سان “ايڪ تماشا اور سهي” اهو سياسي تماشو به ٿيڻ گهرجي. اهو سياسي تماشو هن ملڪ جي تاريخ ۾ يادگار واقعو ٿي ويندو. جيڪڏهن اتحادي حڪومت جي پارٽين جا اڳواڻ عمران خان سان عوامي مقابلو ڪرڻ لاءِ ميدان ۾ لهن. اهو هڪ مشهور مقابلو ٿيندو. ان ۾ نه صرف فيس بڪين پر بڪين کي به پنهنجو داءُ لڳائڻ ۾ مزو ايندو.

اهو ٿيندو ته ڪونه. پر فرض ڪريو. جيڪڏهن عمران خان جي مقابلي ۾ اتحادي اڳواڻ ننڍي چونڊ جي وڏي مقابلي ۾ لهن. هڪ طرف عمران خان هجي ۽ ٻئي طرف شريف خاندان جو آفيشل نمائندو. هڪ طرف عمران هجي ۽ ٻئي طرف آصف زرداري. هڪ پاسي عمران هجي ۽ ٻئي پاسي مولانا فضل الرحمان. اهو مقابلو ڇا ته مقابلو هوندو!!

هونئن به اصل مقابلا اڳواڻن ۾ هوندا آهن. اميدوار به پارٽي ٽڪيٽ تي ڪڏندا آهن. اميدوارن جو به اهو اصرار هوندو آهي ته پارٽي ليڊر انهن جي انتخابي جلسي ۾ اچن. اصل مقابلو ته هوندو به سياسي قائدن جو آهي. پوءِ ڇو نه اهو مقابلو“دوبدو” ٿئي. ڀل ته پوري دنيا کي خبر پوي. ڀل ته ڀرم ڀڄي. ڀل ته پتو پوي ڪير ڪيتري پاڻيءَ ۾ آهي؟اها حقيقت آهي ته عمران خان جو مقابلو پنجاب ۾ نه ته آصف زرداري ڪري سگهي ٿو ۽ نه مولانا فضل الرحمان! ڇو ته زرداريءَ جو ووٽ بينڪ پنجاب ۾ ناهي. مولانا به صرف ڪي پي  ۾ مقابلو ڪرڻ جي پوزيشن ۾ آهي. جڏهن ته تحريڪ انصاف جي جن ايم اين ايز جون استعيفائون منظور ڪيون ويون آهن، انهن ۾ اڪثر ڪي پي  ۽ 3 سنڌ مان آهن. خيبر پختون خوا ۾ فضل الرحمان ۽ اي اين پي انهن خلاف ميدان ۾ لهي سگهي ٿي. جڏهن ته سنڌ جي گاديءَ واري شهر ۾ پيپلز پارٽي ۽ ايم ڪيو ايم گڏيل محاذ جوڙي سگهن ٿيون. انهن کي مسلم ليگ ن جو ڪراچي ۾ بنياد رکندڙ ووٽ به حاصل ٿي سگهي ٿو. پر پنجاب ۾ عمران خان سان مقابلو مشڪل آهي. جيڪڏهن عمران خان سان پنج درياهن جي ڌرتيءَ تي ڪو اليڪشني مقابلو ڪري سگهي ٿو ته اها شخصيت صرف ۽ صرف نواز شريف آهي.

اصولي طور تي نواز شريف کي عمران خان جي اها للڪار قبول ڪرڻ کپي. هن کي به اهو اعلان ڪرڻ گهرجي ته جيڪڏهن ملڪ جو قانون مون کي اجازت ڏئي ته آئون 9 ئي سيٽن تي عمران خان جو مقابلو ڪندس.

جيڪڏهن نواز شريف عمران خان کي پنهنجي مقابلي جو ملهه نه ٿو سمجهي يا جيڪڏهن قانون هن کي اها اجازت نه ٿو ڏئي ته پوءِ ميدان ۾ لهڻ گهرجي مريم نواز کي!

ڀلي مقابلو  ثابت ڪري ته پنجاب ۾ ڪير وڌيڪ پاپولر آهي؟

ظاهر آهي ته عمران خان اها رسڪ کڻڻ ۾ کسياني ٻلي به ٿي سگهي ٿو. پر جيڪڏهن مريم نواز هن کي للڪاري ته ڪپتان جي پيشانيءَ تي پگهر ضرور اچي ويندا. ڇو ته ڪجهه به هجي پر پنجاب جي برادري سياست ۾ جيڪو نيٽ ورڪ نواز شريف جي پارٽيءَ جو آهي، اهو عمران خان کي هرگز حاصل ناهي. ۽ ڀلي پنجاب جا شهر سرمائيداريءَ جي دور ۾ داخل هجن پر انهن جون جڙون اڄ به پنهنجي برادري نظام ۾ تمام گهڻيون پڪيون ۽ پختيون آهن. ان سلسلي ۾ ٻوليءَ جو ڪردار تمام گهڻو وڌي وڃي ٿو. پنجاب جي شهري گهرن ۾ ڀلي اڄ اردو ۽ انگريزي ڳالهائي وڃي پر پنجابي پوءِ به پنهنجي ٻوليءَ ٻلهار ٿيڻ واري قوم آهن.مريم نواز کي اها پلس پوائنٽ آهي ته هوءَ پنجابيءَ ۾ تقرير ڪري سگهي ٿي.هوءَ پنجاب جي غيرت کي بيدار ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي سگهي ٿي. ڇو ته هوءَ پنجابي پيءُ ۽ پنجابي ماءُ جي ڌيءَ آهي. عمران خان ڀلي ميانواليءَ ۾ پيدا ٿيو هجي پر هو پنهنجي اصل نسل ۾ پنجابي ناهي.

عمران خان پنهنجي نڪ نقشي ۾ پورو پٺاڻ آهي. ڀلي هن کي پشتو نه اچي. بينظير ڀٽو کي به ته سنڌي نه ايندي هئي. پر جڏهن هوءَ اجرڪ اوڍي ايندي هئي تڏهن “مارئي ملير جي بينظير بينظير” جا نعرا گونجدا هئا. جيئن بينظير سنڌي هئي. تيئن عمران خان پٺاڻ آهي. ساڳيو مٿيون طبقو. ساڳيو مغربي لائف اسٽائل. عمران خان کي“خان صاحب” چئي مخاطب ٿيڻ مان ئي هن جي قومي سڃاڻ صاف ظاهر ٿي پوندي آهي. جڏهن هو پشتون ٽوپي “پڪواز” پائيندو آهي، تڏهن انهن پٺاڻن جهڙو لڳندو آهي، جن سمنڊپار پنهنجو سنسار ٺاهيو آهي.

عمران خان جيڪڏهن پڪو پٺاڻ نه هجي ها ته ڪي پي  هن جو مضبوط قلعو نه ٿي سگهي ها. ڪي پي  هن جو سياسي قلعو آهي. جيڪڏهن ايئن نه هجي ها ته اسلام آباد لانگ مارچ ۾ سياسي طور تي زخمي ٿي هو ڪيترائي ڏينهن پشاور ۾ نه گذاري ها. اڄ به جيڪڏهن عمران خان مٿان مشڪل وقت ايندو ته هو ميانواليءَ ۾ نه موٽندو. هو پشاور مان پلين Plane گهرائيندو ۽ اهو ايندو.

سنڌ ۾ هن مهل پيدا ٿيل پٺاڻ سنڌي تضاد تمام ننڍي پئماني تي آهي. پر پنجاب ۾ ان ڪليش Clash جي پوري تاريخ آهي. پٺاڻ ۽ پنجابي تضاد هن مهل به تمام گهڻو تيز آهي. پر اها ٻي ڳالهه آهي ته اهو تضاد مٿين سطح تي آهي. هيٺ ان تضاد جو ايترو گهڻو اظهار ناهي. پر اهو تضاد پنڊيءَ کان وٺي لاهور تائين بزنس مارڪيٽ ۾ پوري آب تاب سان موجود آهي.

مسلم ليگ ن جي ڪورڪميٽيءَ ۾ اهو اسم به بحث لاءِ ضرور پيش ٿيو هوندو ته ڇو نه عمران خلاف پٺاڻ پنجابي تضاد جو ڪارڊ استعمال ڪيو وڃي. پر مسلم ليگ ن اهو ڪجهه ملڪي مفاد ۽ پنجاب جي مستقل مفاد جي حق ۾ نه ٿي سمجهي. جڏهن ته ٻنهي ڌرين کي پشاور ۽ پنڊيءَ جي تضاد جو پتو آهي. پر اڄ تائين نه نواز شريف پٺاڻن تي ڪا تنقيد ڪئي آهي ۽ نه عمران خان پنجاب جي مقابلي ۾ پٺاڻن جي مظلوميت جو پتو استعمال ڪيو آهي. جيڪو قدم عوامي نيشنل پارٽي به سڌي طرح سان نه ٿي کڻي سگهي، اهو قدم عمران خان ڪيئن کڻندو؟

پر هن وقت جڏهن عمران خان ميان نواز شريف کان سياسي طور تي پنجاب جو عوام ڦري رهيو آهي، تڏهن هن کي “پنجابي پٺاڻ تضاد” جو آخري پتو پڌرو ڪرڻ کپي يا نه؟

سچ اهو آهي ته عمران خان پنهنجي سرزمين تي پاڪستان جي پنجابي سياست کي ايترو سوڙهو ڪيو آهي جو هاڻي مسلم ليگ ن وٽ نسلي، لساني ۽ قومي ڪارڊ استعمال ڪرڻ کان سواءَ ٻي راهه به نه رهي آهي. پر ان ڪارڊ جي استعمال جي اسٽيبلشمينٽ نون ليگ کي ڪڏهن به اجازت نه ڏيندي. ڇو ته ان کان پوءِ ايترو ته گند ٿي ويندو جو ان کي ڪو ٻهاري نه سگهندو.

ان جهيڙي کان بچڻ لاءِ سياسي صبر جو مظاهرو ميان نواز شريف جي طرف کان وڌيڪ آهي. ۽ اها هن جي مجبوري به آهي.

ميان نواز شريف نه ٿو چاهي ته هو “پٺاڻ پنجابي تضاد” اڀاري ۽ اهو هن جي حق ۾ به ناهي.

جڏهن ته هو ماضيءَ ۾ “سنڌ راڻي” مخالف “سنڌ پنجاب تضاد” جو اهو سياسي ڪارڊ ان نعري جي صورت ۾ استعمال ڪري چڪو آهي، جنهن ۾ هن جهاز تان انهن پمفليٽن جي برسات ڪرائي هئي، جنهن ۾ پوري پنجاب کي پڪاري چيو هو ته “جاڳ پنجابي جاڳ تيري پگ نون لگ گيا داغ”

نواز شريف جيڪو هٿيار بينظير ڀٽو خلاف استعمال ڪيو هو، اهو عمران خان خلاف استعمال ڪرڻ کان ڇو ٿو ڊڄي؟

ڪوئي ڪهڙو به دليل پيش ڪري. ڪوئي ڪجهه به چوي. پر حقيقت اها آهي ته پنجاب جي ميدان تي عمران خان ميان نواز شريف جي مخالفت ۾ اڪيلو لٿو آهي.پنجاب جي ڄائي يعني مريم نواز لاءِ اها لساني ۽ قومي للڪار ته آهي جو هڪ پٺاڻ هن کي پنجاب جي ڌرتيءَ تي مقابلي لاءِ پڪاري!

عمران خان پاڪستان جو ڪو سياسي سيزر (Caesar   ناهي جو هو هر ميدان تي اچي اهو قول ورجائي ته I came. I saw. I conquered يعني مان آيس. مون ڏٺو. مون فتح ڪيو!

عمران خان اڄ به شهري بابو آهي. هو پنجاب جي سياسي ۽ سماجي تضادن جي ايتري ڳوڙهي ۽ پنهان ڄاڻ نه ٿو رکي. عمران خان کي معلوم هجڻ گهرجي ته ٻوليءَ ۽ اصل نسل جو ڪارڊ مشرقي معاشرن ۾ ڪيترو ڪارگر هوندو آهي.

هونئن ته مريم نواز ڪي پي  ۾ به عمران کي للڪاري سگهي ٿي پر پنجاب ۾ هن مهل هن کي تازي صوبائي ننڍي چونڊ جو پلئه پاڙڻ جو وڏو موقعو آهي. پر اهو ممڪن هوندي به ممڪن ناهي.