ميان صاحب ( ن پ ا) ميان صاحب ٿاڻي جي حد ڳوٺ زرخيل ۾ ڪڪڙن جي ميل تي قدير جهلڻ ۽ ديدار جهلڻ جي ڌرين وچ ۾ شرط جي پئسن تان جهيڙو ٿي پيو، لٺيون ۽ سروٽا لڳڻ سبب ٻنهي ڌرين جا چار ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن ۾ قديرجهلڻ، ديدار جهلڻ، محمدامين جهلڻ شامل آهن، جن کي علاج لاءِ شڪارپور اسپتال منتقل ڪيو ويو، هوڏانهن پوليس ٻنهي ڌرين جي اين سي داخل ڪري ٻن ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو.