ميان صاحب: ڪارنهن تهمت هيٺ جوابدار پٽ جي مڱيندي ۽ نوجوان  کي قتل ڪري ڇڏيو

0
291

ميان صاحب ( ن پ ا) ميان صاحب لڳ ڪارنهن الزام هيٺ نوجوان ۽ ناري بيدردي سان قتل ڪري ڇڏيو

ڳوٺ رحيم شاھ ۾ راحب معرفاڻي ڪارنهن جي الزام هيٺ پنهنجي پٽ جي مڱيندي 18 ورهين جي گلزادي ڌيءَ مور معرفاڻي کي گوليون هڻي قتل ڪرڻ بعد 20 ورهين جي نوجوان ثناءُ الله پٽ گلاب معرفاڻي کي فائرنگ ڪري قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويو

 اطلاع تي جهان واهه پوليس واقعي واري هنڌ پهچي نوجوان ۽ ناري جا مڙهه شڪارپور اسپتال پهچايا ويا جٿان ضروري ڪارروائي ڪرڻ بعد وارثن حوالي ڪيا ويا

رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته جوابدار راحب معرفاڻي نوجوان ۽ ناري کي قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويو آهي

هي به پڙهندا

ٽنڊوالهيار ۾ نينگر نريش ڪمار جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف مختلف تنظيمن جو ڌرڻو