ميان صاحب (ن پ ا) ميان صاحب ويجهو ڳوٺ دولت شر ۾ 12 ورهين جي نصيبان ڌيءُ سونو شر کي نانگ ڪکي وڌو، وارث زخمي نينگري کي علاج لاءِ ميان صاحب رورل هيلٿ سينٽر کڻائي پهتا، جتي وئڪسين موجود نه هجڻ سبب کيس شڪارپور اسپتال ريفر ڪيو ويو، شڪارپور اسپتال ۾ به وئڪسين موجود نه هجڻ سبب کيس سکر اسپتال کڻي وڃڻ لاءِ چيو ويو، جنهن بعد سندس وارث نينگري کي سکر اسپتال کڻي وڃي رهيا هئا ته زهر جسم ۾ گهڻو ڦھلجي وڃڻ سبب نينگري رستي ۾ ئي دم ڏئي ڇڏيو، جنهن تي سندس وارثن ۾ ڪهرام مچي ويو.