رنگون (م ڊ) ميانمار ۾ سيڪيورٽي فورسز احتجاج ڪندڙن تي ڪريڪ ڊائون ڪيو، جنهن ۾ وڌيڪ 80 ماڻهو مارجي ويا. پرڏيهي ميڊيا موجب سيڪيورٽي فورسز باگو شهر ۾ فائرنگ ڪئي، جنهن ۾ 80 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا. اکين ڏٺن شاهدن موجب، سيڪيورٽي فورسز طرفان مظاهرين خلاف ڳرا هٿيار استعمال ڪيا ويا، جنهن سان درجنين ماڻهو زخمي ٿي پيا. هيل تائين ميانمار ۾ فوجي بغاوت کان وٺي سيڪيورٽي فورسز هٿان مارجي ويلن جو انگ 600 کان وڌي چڪو آهي.