ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ) ميانمار ۾ فوجي بغاوت خلاف مظاهرن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 90 ماڻهو مارجي ويا، اقوام متحده، آمريڪا ۽ برطانيه طرفان شديد لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي آهي، آمريڪي پرڏيهي وزير اينتهوني بلنڪن جو چوڻ آهي ته آمريڪا ميانمار ۾ ٿيندڙ قتلام کي ڪاوڙ جي نظر سان ڏسي ٿو، ميانمار جي سيڪيورٽي فورسز مظاهرين تي فائرنگ ڪئي، جنهن ۾ 90 ماڻهو مارجي ويا آهن، گذريل مهيني فوجي بغاوت کانپوءِ هي ملڪ ۾ خطرناڪ ڏينهن هو، آمريڪا، برطانيه ۽ اقوام متحده ان قتلام جي مذمت ڪئي آهي.