ميانمار (ڊيسڪ رپورٽ) ميانمار ۾ سيڪيورٽي فورسز احتجاج ڪندڙن تي ڪريڪ ڊائون ڪيو، جنهن ۾ گھٽ ۾ گھٽ 80 ماڻهو مارجي ويا. پرڏيهي ميڊيا موجب، سيڪيورٽي فورسز باگو شهر ۾ فائرنگ ڪئي، جنهن ۾ 80 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا. عيني شاهدن موجب، سيڪيورٽي فورسز طرفان مظاهرين خلاف ڳرا هٿيار استعمال ڪيا ويا، جنهن سان درجنين ماڻهو زخمي ٿي پيا. هيل تائين ميانمار ۾ فوجي بغاوت کان وٺي سيڪيورٽي فورسز هٿان مارجي ويندڙن جو انگ 600 کان وڌي چڪو آهي.