ڪراچي (رپورٽ: فقير سليم) ڪراچي جي ميئر لاءِ پيپلزپارٽي ۽ جماعت اسلامي پاران ڪوششون شروع، وڏي وزير مراد شاهه جو جماعت اسلامي ڪراچي جي  امير ۽ ميئر جي اميدوار حافظ نعيم  سان ٽيلي فونڪ رابطو، ان ڏس ۾ جماعت اسلامي ڪراچي  جي امير حافظ نعيم الرحمان وڏي وزير سان ڳالهائيندي چيو ته اسان 94 سيٽون کٽيون آهن،  فارم 11 مطابق سموريون سيٽون ڏنيون وڃن، جڏهن ته جماعت اسلامي جي مينڊيٽ کي تسليم ڪيو وڃي، جنهن تي وڏي وزير کيس خاطري ڪرائي ته جماعت اسلامي جا خدشا ختم ڪنداسين، هوڏانهن پ پ سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙي  پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اسان جماعت اسلامي جي مينڊيٽ کي تسليم ڪيو آهي پر انهي جو مطلب اهو ناهي ته اسان پنهنجن کٽي آيل سيٽن تي به هار تسليم ڪريون، جڏهن کان نتيجا آيا آهن، عجيب ڳالهيون ڪيون پيون وڃن، اسان عوام جو فيصلو قبول ڪريون ٿا، اسان حيدرآباد شهر سميت سموري ڊويزن ۾ ڪلين سوئيپ ڪيو آهي، هن چيو ته حافظ نعيم کي سنجيده شخص سمجهندو آهيان، سندس  اهو چوڻ ته ڪراچي مان پيپلزپارٽي 100سالن تائين کٽي نٿي سگهي، اها ڳالهه جمهوري ناهي، هوڏانهن صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ڪراچي جي عوام عمران نيازي جي بيانئي کي دفن ڪري رد ڪري ڇڏيو آهي جيڪو شخص ( خرم شير زمان) ايم پي اي هجڻ سان گڏ  پي ٽي آءِ طرفان  ميئر جو اميدوار هو، اهو هڪ يونين ڪاميٽي مان به هارائي ويو، اسان جو موقف درست آهي ته پي ٽي آءِ  وارا هڪ يوسي کٽڻ جي لائق به ناهن، هن چيو ته عمران خان غيرت ڪري پنهنجي سنڌ اسيمبلي جي ميمبرن کان به استعيفائون ڏياري، اسان سندن سيٽن تي مقابلو ڪنداسين،  هوڏانهن جماعت اسلامي پاران  ڪراچي ۾ پنهنجو ميئر آڻڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي پئي وڃي، جماعت جي ذريعن جو چوڻ آهي ته  جماعت پاران پ پ قيادت تائين اها ڳالهه پهچائي وئي آهي ته سندن مينڊيٽ تسليم ڪري کين ميئر ڏني وڃي، ٻي صورت ۾ انهن وٽ  پي ٽي آءِ جي غير مشروط حمايت جو آپشن موجود آهي

ڪراچي: پيپلز پارٽي ڪراچي ڊويزن جي صدر ۽ صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته ڪراچي جي ميئر واري مامري تي جماعت اسلامي سان سنجيدگي سان ڳالهائڻ چاهيون ٿا، جيڪڏهن جماعت اسلامي پنهنجو ميئر چاهي ٿي ته سڱ (رشتو) موڪلڻ سان ئي قبول يا انڪار ڪري سگھجي ٿو، ڪراچي واسين پيپلز پارٽي ۽ جماعت اسلامي کي مينڊيٽ ڏنو ته جيئن شهر مان دهشتگردي، نفرت ۽ بدتميزي واري سياست جو خاتمو اچي، جماعت اسلامي کي درخواست آهي ته ڪجهه معاملن  جو جواز ڄاڻائي شهر جي ماحول کي خراب نه ڪن، ڪالهه سنڌ اسيمبلي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته حافظ سعيد الزام لڳايو آهي ته سعيد غني پنهنجي ڀاءُ کي ٻيهر ڳڻپ ۾ کٽرايو آهي،  کيس خبر هجڻ گھرجي ته منهنجو ڀاءُ ٻن يوسيز تي اميدوار هو، جنهن يوسي تان چيئرمين لاءِ بيٺو، هن اتان هارايو، جتي هو وائيس چيئرمين طور بيٺو، اتان ڪامياب ٿيو آهي، اسان چاهيون ٿا ته جماعتي دوست  قانوني طريقي ڪار استعمال ڪن،  جيڪڏهن کين ٻيهر ڳڻپ تي  به اعتراض آهي ته ٻئي فورم تي شڪايت کڻي وڃن، هن چيو ته ڪراچي ويسٽ ضلعي جي نتيجن لاءِ حافظ نعيم پاڻ ڪمشنر ڪراچي کي ڪال ڪري ڌمڪيون ڏنيون ۽ کيس حراسان ڪيو،  جماعت اسلامي ميئر لاءِ اسان سان ڳالهيون ڪري،باقي  ٽي وي تي ڳالهيون ڪرڻ سان ميئر ناهن ٿيندا، کين اسان سان ڳالهه ڪرڻي پوندي، شادي به بنا رشتو موڪلڻ جي ناهي ٿيندي، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اسان چاهيون ٿا ته ميئر پيپلز پارٽي جو ٿئي، جيڪڏهن جماعت اسلامي پنهنجو ميئر آڻڻ چاهي ٿي ته کين اسان سان گڏ ويهڻو  ۽ ڳالهائڻو پوندو، ايم ڪيو ايم پاران مڪاني ادارا سڙڪن روڊن تي هلائڻ واري بيان تي هن چيو ته ايم ڪيو ايم سياسي جماعت آهي کين آئين ۽ قانون کي مدِ نظر رکندي بيان ڏيڻ گھرجن، بلدياتي ادارا اهي ئي هلائيندا جن کي عوام چونڊيو آهي،