ڪراچي:  ڪراچي جو ميئر ڪير ؟ جماعت اسلامي  پاران ڪراچي جي امير حافظ نعيم ۽ پ پ پاران واٽر بورڊ جي وائيس چيئرمين  نجمي عالم جا نالا سامهون آيا، جڏهن ته پي ٽي آءِ  پنهنجي اميدوار جو فيصلو نه ڪيو  ، ان ڏس ۾  پي ٽي آءِ اڳواڻ خرم شير زمان  جو چوڻ هو ته ڪراچي جي  ميئر لاءِ اسان وٽ مون سميت 3 اميدوار فردوس شميم نقوي ۽ اشرف جبار قريشي آهن ، ميئر  جي اميدوار جو فيصلو  عمران خان ڪندو واضح  رهي نجمي عالم  ڪلفٽن_ سول لائينز ۽ حافظ نعيم پڻ  يوسي تان ڪامياب  ٿي چڪا، فردوس نقوي وري مڪاني چونڊ ۾ حصو نه ورتو هو