ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) ڪراچي جو ميئر ڪير ؟ سياسي جوڙ توڙ شروع، پي ٽي آءِ جماعت اسلامي جي ميئر جي اميدوار حافظ نعيم جي حمايت ڪري ڇڏي، جماعت اسلامي پاران وري پ پ تي پي ٽي آءِ جا يوسي چيئرمين اغوا ڪرائڻ جو الزام، ان ڏس ۾ تحريڪ انصاف ميئر ڪراچي جي چونڊ ۾ جماعت اسلامي جي ميئر شپ جي اميدوار حافظ نعيم الرحمان جي حمايت جو اعلان ڪيو آهي، ان حوالي سان پي ٽي آءِ جي ترجمان ارسلان تاج جو چوڻ آهي ته تحريڪ انصاف ميئر ڪراچي جي چونڊن ۾ جماعت اسلامي جي اميدوار کي سپورٽ ڪندي، هن وڌيڪ چيو ته پ پ ميئر ڪراچي لاءِ چونڊ کان اڳ ڌانڌلي ڪري رهي آهي، حلف برادري کان اڳ يوسي چيئرمينن کي اغوا ۽ گرفتار ڪرايو پيو وڃي، پي ٽي آءِ انهي معاملي تي عدالت سان رابطو ڪندي، پي ٽي آءِ ترجمان چيو ته پيپلزپارٽي ۽ ايم ڪيو ايم عوامي مينڊينٽ قبول ڪرڻ نٿيون چاهين، ميئر جي چونڊ شفاف طريقي سان ٿيڻ گهرجي، ٻئي طرف جماعت اسلامي ڪراچي جي امير ۽ ميئر ڪراچي جي اميدوار حافظ نعيم الرحمان پي ٽي آءِ جي حمايت کانپوءِ ميئر ڪراچي لاءِ اڪثريت حاصل ٿيڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، ڪالهه پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته پي ٽي آءِ جي حمايت کانپوءِ جماعت اسلامي وٽ ميئر لاءِ 191 ۽ پ پ وٽ 147 ووٽ آھن، هاڻ پ پ لاءِ امتحان آھي ته اھا جمھوريت کي ترجيح ڏئي ٿي يا  نٿي ڏئي ؟ جيڪڏهن پ پ اسان جو مينڊيٽ تسليم ڪندي ڳالهيون ڪرڻ چاھي ٿي ته ڪراچي جي ترقي لاءِ ڳالهيون ڪرڻ لاءِ تيار آھيون،  هن الزام هنيو ته  پ پ پاران چونڊيل نمائندن کي لالچ  ۽ ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن، پي ٽي آءِ يوسي چيئرمين اغوا ۽ گرفتار ڪرايا پيا وڃن، اسان ڌانڌلي قبول نه ڪنداسين، هڪ سوال جي موٽ ۾ هن چيو ته پي ٽي آءِ غير مشروط حمايت ڪئي آهي، اسان کين ڊپٽي ميئر جو عهدو ڏينداسين، جڏهن ته ڪراچي جي 25 مان 9 ٽائونن جي چيئرمين شپ جماعت اسلامي ۽ 3 ٽائونن جي سربراهي  پي ٽي آءِ کي ملندي، هن چيو ته اسان به اليڪشن ڪميشن کي خط لکيو آهي ته يوسي چيئرمينن جي حلف برداري جي تاريخ ۾ واڌ ڪئي وڃي، جيڪڏھن  اليڪشن ڪميشن اسان جي ڳالهه نه مڃي ته پوءِ پي ٽي آءِ  جي پٽيشن ۾ ڌر بڻجنداسين