سيوهڻ/ڀان سيدآباد (نمائندن وٽان) سنڌ جي وڏي وزير سيد مرادعلي شاهه چيو آهي ته عمران خان قومي اسيمبلي ۾ واپس اچڻ جون ڳالهيون پيو ڪري، اسان ته اڳ ئي چئون پيا ته اسيمبلي ۾ اچي پر هو رات جو هڪ ڳالهه  ۽ صبح جو ٻي ڳالهه ڪري ٿو، هن چيو ته وزيراعظم اعتماد جو ووٽ نه وٺندو، ڇاڪاڻ ته سموريون اتحادي جماعتون وفاقي سرڪار سان گڏ آهن، عمران کي ڪراچي ۾ بري طرح سان شڪست نصيب ٿي، ان لاءِ هو ڀڄي رهيو آهي، اسان ڪڏهن به اليڪشن کان ناهيون ڀڳا، اهڙو اظهار وڏي وزير سيد مرادعلي شاهه واهڙ ۾ پنهنجي والد اڳوڻي وزيراعليٰ سيد عبدالله شاه جي مزار تي حاضري ڀرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو، هن چيو ته مڪاني چونڊن واري ڏينهن امن امان جي صورتحال بهتر رکڻ تي پوليس، رينجرز، ايف سي کي جس ڏيان ٿو، مڪاني چونڊون ٻن مرحلن ۾ ٿيون جنهن ۾ سنڌ جي عوام پيپلز پارٽي کي ڪامياب بڻائي ثابت ڪيو ته پ پ عوامي خدمت ڪئي آهي، وڏي وزير چيو ته پي ٽي آءِ ڌانڌلي جون ڳالهيون ان لاءِ پئي ڪري ته کين بري شڪست ملي، پي ٽي آءِ وارا 2018ع واري اليڪشن تي هريل هيا ڇاڪاڻ ته ان وقت اميدوار گهر ويٺا هيا ۽ انهن کي فرشتا ووٽ ڏئي ويا، پر هاڻي ايئن ناهي ٿيو،هن وڌيڪ چيو ته ڪراچي ۾ پيپلز پارٽي سڀ کان وڌيڪ سيٽون کڻي پهرين نمبر تي آئي آهي، ميئر ڪراچي پ پ جو حق ٿئي ٿو، اسان ٻئي نمبر تي آيل جماعت اسلامي سان ڳالهيون ڪريون پيا، خواهش آهي ته ساڻن گڏ ملي ميئر چونڊيون، قومي اسيمبلي ۾ ڪوبه اپ سيٽ نه پيو ٿئي، قومي اسيمبلي، ۽ سنڌ، بلوچستان جون صوبائي اسيمبليون آگسٽ مهيني ۾ پنهنجو مدو پوريون ڪنديون،  پنجاب ۾ هاڻي نگران وڏي وزير جو معاملو هلي پيو، اپوزيشن ليڊر سان مشاورت ڪرڻي پوندي نه ته پوءِ معاملو اليڪشن ڪميشن ڏانهن ويندو، هن چيو ته  ڪي پي جي وزيراعليٰ محمود خان کي صلاح ڏيندس ته هو ڪي پي اسيمبلي بابت سوچي، هڪ شخص جي انا خاطر پوري صوبي جي عوام کي امتحان ۾ نه وڌو وڃي، وڏي وزير ڪراچي اندر اٽو 160 رپيا ڪلو ملڻ جو اعتراف ڪندي چيو ته ڪراچي سميت پوري سنڌ اندر اٽي چڪين کي ڪڻڪ جي فراهمي ڪئي آهي، اٽي جا ريٽ هاڻي گهٽ ٿيندا، ۽ اميد آهي ته هاڻي اٽو سستو ملندو، ٻي طرف  سيد مراد علي شاهه هڪ ڏينهن جي دوري تي سيوهڻ پهچي  قلندر لال شھباز جي مزار تي حاضري ڀري چادر چاڙھي ۽ دعا گھري.