ڪراچي ( رپورٽ: فقير سليم) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته مڪاني چونڊن بعد انهن ادارن جي مخصوص سيٽن تي چونڊ ٿيندي، مون پاڻ جماعت اسلامي ڪراچي جي امير  حافظ نعيم سان ڳالهائي کيس  چيو هو ته ھاڻي اختيارن جو روئڻ ڇڏي ڏيو،  ڪالهه  ڪراچي آرٽس ڪائونسل جي نئين چونڊيل باڊي جي حلف برداري واري تقريب کي خطاب ڪندي ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي ھن چيو ته جن ( پي ٽي آءِ)  2018 ۾ جنهن طريقي سان اليڪشن کٽي ھئي، انھن سان واقعي  ڌنڌلي ٿي آھي،  ھن ڀيري عوام پاڻ ووٽ ڏنو آھي، انھي ڪري کين سندن من پسند نتيجا ناھن مليا،  ڪراچي جي ميئر لاءِ ڪنهن جماعت سان اتحاد بابت هن چيو ته ھن وقت چوڻ ڪجهه چوڻ وقت کان اڳ ھوندو،  ڪنهن به اتحاد جو فيصلو پارٽي ڪندي،  ھوڏانھن  ڪالهه  ٽريڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي ۽ ايران ٽريڊ پروموشن آرگنائيزيشن وچ ۾ ايم او يو تي صحيحن واري تقريب ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته بلدياتي چونڊون پرامن ٿيون ۽ سنڌ جي عوام پاڪستان پيپلز پارٽي تي اعتماد جي موٽ ڏني. هن چيو ته مڪاني چونڊن ۾ امن امان جا خدشا هئا پر الله جو شڪر آهي ته ڪو وڏو سانحو پيش نه آيو. رڳو 13 ننڍا واقعا ٿيا،  آئون قانون لاڳو ڪندڙ ادارن، پوليس، رينجرز، ايف سي ۽ فوج جو ٿورائتو آهيان، هن چيو ته  مڪاني چونڊن جي نتيجن ۾ ڪابه دير ناهي ٿي، هن ڀيري اليڪشن ۾ آر ٽي ايس نه هو، جنهن سبب مينوئيل ڳڻپ ٿيڻ ڪري دير ٿي آھي،  هن چيو ته پيپلز پارٽي حيدرآباد ڊويزن ۾ واضح اڪثريت سان کٽي 160 مان 140 سيٽون حاصل ڪيون. اٽڪل 99 شهرن ۽ ميونسپلٽيز ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي.  هن چيو ته ڪراچي ۾ پيپلز پارٽي، جماعت اسلامي ۽ پي ٽي آءِ وچ ۾ سخت مقابلو هو، پرزائيڊنگ آفيسرن کي ٻه ڀيرا ووٽن جي ڳڻپ ڪرڻي هئي، جنهن سبب وقت لڳو.  هن چيو ته ڪراچي جو جيڪو به ميئر بڻجي، شهر جي بهتري لاءِ ڪردار ادا ڪري، سمورا اختيار قانون ۾ موجود آهن. جڏهن توهان پنهنجو ڪم ڪندا ته ان جو فائدو سنڌ حڪومت کي به ٿيندو. اسان سمورين پارٽين سان ڳالهيون ڪري ٽائون ٺاهيا آهن، جن کي اختيار پن آهن،   هن چيو ته مون ايم ڪيو ايم سان آخري وقت تائين ڳالهايو ۽ کين چونڊن ۾ حصو وٺڻ لاءِ چيو پر کين خدشا هئا،  تنهنڪري انهن بائيڪاٽ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. جڏهن ڪابه ڌر اليڪشن جو بائيڪاٽ ڪندي آهي ته هڪ خال پيدا ٿئي ٿو. اليڪشن جي غير يقيني واري صورتحال سبب ٽرن آئوٽ گهٽ رهيو. ايم ڪيو ايم ٻي وڏي سياسي جماعت آھي جنهن جي بائڪاٽ سان پڻ ڪجهه فرق پيو م هن چيو ته مون وٽ منهنجي والد (سيد عبدالله  شاهه) جي ڊائري آهي جيڪا هن فارسي ۾ لکي هئي،  هن چيو ته ڪنهن زماني ۾ سنڌ جي سرڪاري ٻولي فارسي هئي.  وڏي وزير چيو ته سنڌ وٽ ٿر ڪول جا وڏا ذخيراآهن، جن مان بجلي، گئس، ڀاڻ ۽ ڊيزل ٺاهي سگهجي ٿو، آئون چاهيان ٿو ته ايراني ڪمپنيون اچي  سيڙپڪاري ڪن.