ڪراچي ( رپورٽ : فقير سليم) جماعت اسلامي ڪراچي جو وفد ميئر شپ جي اميدوار حافظ نعيم الرحمان جي اڳواڻي ۾ نواز ليگ سنڌ جي صدر سيد شاھ محمد شاھه جي رھائشگاھه تي پھتو،   جتي ٻنھي پارٽين جي اڳواڻن وچ ۾ مڪاني چونڊن جي نتيجن ۽ ڪراچي جي ميئر بابت خيالن جي ڏي وٺ ٿي، ملاقات بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي نواز ليگ جي صوبائي صدر سيد شاھه محمد شاھه چيو ته  پ پ، نواز ليگ ۽ جماعت اسلامي گڏجي  شھر جي بھتري لاء ڪردار ادا ڪندا،  جماعت اسلامي کي پي ٽي آءِ تي ڀروسو نه ڪرڻ گھرجي،  مون مٿان  ڪراچي جي ميئر لاءِ اتفاق راءِ جي ذميواري رکي وئي آھي، جنهن لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪندس، هن چيو ته اسان جي خواھش آهي ته جيڪي ڪجهه ٿئي، آئين ۽ قانون مطابق ٿئي، ڪراچي شھر سڀني جو آهي، شھر جي ترقي لاءِ سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، هن چيو ته  نواز ليگ چاھي ٿي ته ملڪ ۾ جمھوريت رھي، جماعت اسلامي سان گڏجي نواز ليگ اھڙو ڪردار ادا ڪري، جنهن سان ڪراچي جي ترقي ٿئي، اسان  حافظ نعيم کي مايوس ڪونه ڪنداسين، هن چيو ته پي ٽي آءِ کانسواء پ پ، نواز ليگ ۽ جماعت اسلامي گڏجي ڪراچي ۾ ميئر آڻينداسين، ان موقعي تي جماعت اسلامي ڪراچي جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو ته پ پ سان ميئر يا ڊپٽي ميئر بابت ڪا به ڳالهه ٻولهه  ناھي ٿي،  پ پ جي دعويٰ آھي ته اھي نمبر ون آھن، جڏهن ته  اسين سمجھون ٿا ته اسان جا ووٽ ۽ سيٽون وڌيڪ آھن، انهي ڪري ميئر اسانجو اچڻ گھرجي، هن چيو ته  سمورن اختلافن کانپوءِ ايتري گنجائش  ھجڻ گھرجي ته ڪراچي شھر جي بھتري لاءِ گڏ ٿيون، هن چيو ته ڪجهه ڌرين مڪاني اليڪشن نٿي چاهي، وڏي مشڪل سان مڪاني اليڪشن ٿي آهي، نتيجا اڃا اچن پيا،  اليڪشن ڪميشن وٽ فيصلو رکيل آھي،  هن چيو ته جيئن اين ايف سي جو نظام موجود آھي، ايئن ئي صوبائي سطح تي وسيلن جي هيٺين سطح تائين ورهائڻ لاءِ صوبائي ڪميشن (پي ايف سي) موجود آھي، اختيارن لاءِ روئڻ سان ڪو فائدو نه ٿيندو، گڏجي ڪم ڪرڻ سان ئي رستو نڪرندو، هن چيو ته اڄ ھتي اچڻ جو مقصد اهو آهي ته نواز ليگ سان گڏجي اتفاق راءِ پيدا ڪجي، هن چيو ته اليڪشن ڪميشن پاران فائنل نتيجا اچڻ بعد خبر پوندي ته جماعت اسلامي نمبر ون آھي يا پيپلزپارٽي نمبر آھي؟ سڀني کي هڪٻئي جو مينڊيٽ کي قبول ڪرڻ گھرجي