ميھڙ : واقعو موٽروي پوليس جي آفيس ڀرسان هجڻ ۽ موٽروي پوليس جون ڪيتريون ئي گاڏيون روڊ تي هجڻ باوجود به حادثو ڪندڙ لينڊ ڪروزر کي روڪي نه سگهي نه ئي وري ان سلسلي ۾ موٽروي پوليس ڪا ڪاروائي ڪري سگهي. حادثي بابت ميهڙ پوليس جو چوڻ آهي ته اسان وٽ اطلاع آهن ته ھڪ وي آء پي جي ان وقت ڪراسنگ ھئي ۽ لينڊ ڪروزر تي ڪراس ڪري رهيو هو ته ان جي اڳيان هلندڙ ٻه موٽر سائيڪلون پاڻ سان معمولي ٽڪرائجڻ سبب هڪ موٽر سائيڪل روڊ جي وچ تي اچي وئي، جنهن سبب پويان ايندڙ پروٽوڪول گاڏي ايس پي اي  857 جو ٽڪر لڳڻ سب واقعو پيش آيو آهي، جنهن بابت جانچ ڪري رهيا آهيون جڏھن ته وارثن جي مرضي موجب واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويندو.