مٽياري(رپورٽر ) ايم سڪس موٽروي ڪرپشن واري ڪيس ۾ جي آئي ٽي ٽيم حيدرآباد پهتي، ڊي سي مٽيار يجي آفيس، مختيارڪار آفيس مٽياري جي عملي کي طلب ڪري هر ملازم جا بيان رڪارڊ ڪيا ويا، جڏهن ته ڊي سي جي ٽن ڊرائيورن، ڊي سي آفيس جي اڪائونٽنٽ ۽ پرسنل سيڪريٽري کي گرفتار ڪيو ويو آهي، ان کان اڳ حيدرآباد ۽ مٽياري پوليس ڊي سي هائوس تي ڇاپو هڻي ڊپٽي ڪمشنر مٽياري جو ڊرائيور وزير بگٽي گرفتار ڪري ورتو. ان ڏس ۾ ايم 6 موٽروي ۾ سوا ٻه ارب رپين جي مبينا ڪرپشن واري معاملي تي سنڌ حڪومت پاران قائم ڪيل جوائنٽ انويسٽيگيشن ٽيم حيدرآباد ڪمشنر هائوس حيدرآباد پهتي جتي هنن ڊپٽي ڪمشنر آفيس جي سموري عملي کي طلبي ورتو. ان سان گڏ اي ڊي سي ون ۽ مخييارڪار آفيس مٽياري جي عملي کي به طلب ڪيو ويو ، جنهن دوران جي آئي ٽي ٽيم ميمبرن پاران سموري عملي کان الگ الگ پڇا ڳاڇا ڪئي وئي. سندن تفصيلي بيان رڪارڊ ڪيا ويا، جڏهن ته ڊي سي جي پرسنل سيڪريٽري سيد ذوالفقار شاهه ۽ ڊي سي آفيس جي اڪائونٽنٽ سيد جڙيل شاهه ۽ ٻن ڊرائيورن کي حراست ورتو ويو، جڏهن ته هڪ رات ڊي سي هائوس تي ڇاپو هڻي ڊي سي جي مين ڊرائيور وزير بگٽي کي به گرفتار ڪيو ويو هو ۽ کائيسن پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وئي. يار رهي ته سوا ٻه ارب جي ڪرپشن واري معاملي تان اڳوڻو ڊپٽي ڪمشنر مٽياري عدنان رشيد گرفتار ٿيل آهي، جڏهن ته ايم اين اي مخدوم جميل الزمان جي پي ايس اسلم پيرزادو سنڌ هاءِ ڪورٽ مان حفاظتي ضمانت حاصل ڪري ورتي آهي، ۽ ڪرپشن جي داخل ڪيس ۾ نامزد مک ڪرادرا لينڊ اڪيوزيشن آفيسر اڳوڻو اسسٽنٽ ڪمشنر نيوسعيدآباد منصور عباسي به ضمانت ڪرائي ورتي هئي، جڏهن ته سنڌ بينڪ جو مينجر تابش شاهه به اڃا تائين گرفتار ناهي ٿي سگهيو، جنهن جو پڻ داخل ڪيس ۾ نالو ٻڌايو پيو وڃي، ذريعن جو چوڻ آهي ته تابش شاهه تعلق ٽنڊو محمد خان سان آهي جيڪو بااثر وفاقي وزير جو ويجهو مائٽ آهي، ان کان علاوه ائنٽي ڪرپشن پوليس اسسٽنٽ ڪمشنر نيوسعيدآباد منصور عباسي جي ڊرائيور کي به گرفتار ڪيو هو.

مٽياري: ايم سڪس موٽر وي ۾ ڪرپشن جي حوالي سان اهم انڪشاف به سامهون آيا آهن. جي آءِ ئي ٽي ٽيم ۽ ائنٽي ڪرپشن ٽيم موٽروي اسڪينڊل ۾ شاهديون گڏ ڪرڻ جو سلسلو تيز ڪري ڇڏيو آهي، ڊي سي آفيس ۽ ڊي سي هائوس ۾ ماڻهن جي اچ وڃ بابت تفصيلي پڇا ڳاڇا ڪئي وئي ،  ذريعن موجب اڪثر ملازمن بيان ڏنا آهن ته ڊي سي هائوس تي گرفتار ٿيل اهم شخصيتن مان هڪ جي اچ وڃ هوندي هئي، جڏهن ته هن کان اڳ واري ڊي سي کي به ٺيڪيدارن کي ايڊوانس بل نه ڪرائڻ تان ناراضپو ڏسڻو پيو هو ۽ ان معاملي تان اڳوڻي ڊي سي کي به هٽايو ويو هو.