موٽر وي اسڪينڊل: ڊي سي نوشهروفيروز سميت 4 ڄڻن جا نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ جي سفارش

0
352
موٽر وي اسڪينڊل

ڪراچي: ايم سڪس ميگا موٽر وي ڪرپشن اسڪينڊل ۾ ملوث ڊي سي نوشهروفيروز سميت 4 ڄڻن جا نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي

ايف آءِ اي ڊي سي نوشهروفيروز تاشفين عالم، اڳوڻي ڊي سي مٽياري عدنان رشيد، اي سي نيو سعيد آباد منصور عباسي ۽ سنڌ بئنڪ جي برانچ مئنيجر مير محمد سهاڳ جا نالا اِي سِي ايل ۾ شامل ڪرڻ جي سفارش ڪئي آهي

اسڪينڊل جي جاچ لاءِ نوشهروفيروز پهتل جاچ ٽيم ڊي سي آفيس مان اهم رڪارڊ تحويل ۾ وٺي ڇڏيو، ملازمن جا بيان رڪارڊ ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي

جاچ ٽيم طرفان ڊي سي آفيس نوشهرو فيروز جي اڪائونٽنٽ، پي اي ۽ ٻين روينيو ملازمن کي بيان رڪارڊ ڪرائڻ لاءِ گھرايو ويو

جاچ ٽيم سرڪاري زمين جي کاتن بابت رڪارڊ به تحويل ۾ وٺي ڇڏيو، نيشنل بئنڪ ۽ سنڌ بئنڪ کان به رڪارڊ طلب  ڪيو ويو آهي، هن سموري مامري جي جاچ دوران ميڊيا کي ڪوريج کان پري رکيو ويو

ھي به پڙھندا

ايم سڪس موٽر وي ڪرپشن اسڪينڊل: ايف آءِ اي جاچ شروع ڪري ڇڏي

مٽياري کانپوءِ نوشهروفيروز ۾ موٽروي رٿا ۾ ميگا ڪرپشن اسڪينڊل سامهون اچي ويو