موٽر وي اسڪينڊل: نوشهرو فيروز جو ڊي سي پرڏيهه فرار

0
367

نوشهروفيروز ۾ ايم سڪس اسڪينڊل ۾ نامزد نوشهرو فيروز جو ڊپٽي ڪمشنر تاشفين عالم 5 ڏينهن کان روپوش هو، ٽائيم نيوز موجب ڊپٽي ڪمشنر جي پرڏيهه فرار ٿيڻ جي تصديق ٿي آهي

ايف آءِ اي اميگريشن ذريعن نوشهرو فيروز جي ڊپٽي ڪمشنر تاشفين عالم جي پرڏيهه وڃڻ جي تصديق ڪري ڇڏي

ايف آءِ اي اميگريشن ذريعن ٻڌايو آهي ته تاشفين عالم 19 نومبر تي دبئي روانو ٿي ويو

ايف آءِ اي اميگريشن ذريعن موجب ڊپٽي ڪمشنر تاشفين عالم پرڏيه اڏام ايف زيڊ 336 ذريعي دبئي روانو ٿي ويو

واضح رهي ته سنڌ حڪومت اسٽيبلشمينٽ ڊويزن کي تاشفين عالم کي معطل ڪرڻ لاءِ خط لکي چڪي آهي

18 نومبر تي جوڙيل فيڪٽ اينڊ فائنڊنگ ڪاميٽي نوشهروفيروز ۾ زمين جي خريداري ۾ وڏي پئماني تي بيقاعدگين جي تصديق ڪئي هئي

ھي به پڙھندا

موٽر وي ميگا اسڪينڊل جي جاچ تيز: ڊي سي نوشهروفيروز روپوش: جاچ ٽيم جي پڇاڳاڇا