موٽر وي اسڪينڊل: مٽياري جي اڳوڻي ڊي سي  جو رمانڊ منظور

0
327
موٽر وي اسڪينڊل

مٽياري: موٽروي ڪرپشن اسڪينڊل ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي، مٽياري جي اڳوڻي ڊي سي عدنان رشيد کي وڌيڪ 7ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪيو ويو آهي

پوليس ڊي سي عدنان رشيد کي  هٿڪڙيون هڻي اينٽي ڪرپشن  جي عدالت ۾ پيش ڪيو، جنهن دوران سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا

اينٽي ڪرپشن عدالت اڳوڻي ڊي سي مٽياري عدنان رشيد کي 7ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي

پراسيڪيوٽر جنرل سنڌ عدالت کي ٻڌايو ته عدنان رشيد وٽان 12لک 60 هزار رپيا روڪ رقم ۽ هڪ گاڏي هٿ آئي آهي

اڳوڻي ڊي سي جي وڪيل عدالت ۾ موقف اختيار ڪيو ته عدنان رشيد تي تشدد ڪيو پيو وڃي

عدالت لمس جي ايم ايس کي حڪم ڏنو ته اڳوڻي ڊي سي عدنان رشيد جو ميڊيڪل ڪرائي 30 نومبر تي رپورٽ پيش ڪئي وڃي

ھي به پڙھندا

موٽر وي اسڪينڊل: ڊي سي نوشهروفيروز سميت 4 ڄڻن جا نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ جي سفارش