موٽر وي اسڪينڊل جي سهولتڪار عاشق ڪليري وٽان وڌيڪ 29 ڪروڙ هٿ: ضياءَ لنجار جي وضاحت

0
362

ڪراچي/حيدرآباد(نمائندن وٽان) مٽياري موٽر وي اسڪينڊل جي جاچ ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي، قانون واري اڳوڻي وزير ضياءَ لنجار جي مبينا فرنٽ مين عاشق ڪليري وٽان وڌيڪ 29 ڪروڙ رپيا هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي

حيدرآباد جي احتساب عدالت ۾ ايم سڪس موٽر وي بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران ڪنڊيارو واسي سهولتڪار عاشق ڪليري کي پيش ڪيو ويو

نيب عملدارن عاشق ڪليري وٽان وڌيڪ 29 ڪروڙ 97 لک ۽ 48 هزار رپيا هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي

Ubaid ur Rehman Awan on Twitter: "Money which recovered from the home of Provisional Secretary finance #Balochistan. #Pakistan #Corruption https://t.co/VbRbrRKTk9" / Twitter

نيب عملدارن موجب جوابدار وٽان هن وقت تائين 2 گاڏين سميت 44 ڪروڙ کان وڌيڪ رقم هٿ ڪئي آهي

 عدالت وڌيڪ 5 ڏينهن جو جسماني رمانڊ منظور ڪندي جوابدار کي نيب حوالي ڪري ڇڏيو آهي

 سوا 2 ارب رپين واري ڪرپشن اسڪينڊل ۾ اڳوڻو ڊي سي مٽياري عدنان رشيد، اڳوڻو اي سي منصور عباسي، اڳوڻو مئنيجر تابش شاهه پهرين ئي گرفتار ٿيل آهن

عاشق ڪليري منهنجو فرنٽ مين ناهي: ضياءَ لنجار

قانون واري اڳوڻي صوبائي وزير ضياءَ لنجار مٽياري موٽر وي اسڪينڊل ۾ گرفتار عاشق ڪليري کان لاتعلقي ظاهر ڪئي آهي

اُن کان اڳ سوشل ميڊيا تي ڪرپشن اسڪينڊل جي سهولتڪار عاشق ڪليري ۽ قانون واري اڳوڻي صوبائي وزير ضياءَ لنجار جون تصويرون وائرل ٿيون هيون، چيو پئي ويو ته عاشق ڪليري ضياءَ لنجار جو فرنٽ مين آهي

 ضياءَ لنجار وضاحت ڪئي آهي ته عاشق ڪليري نالي شخص سان منهنجو ڪو به واسطو ناهي، سوشل ميڊيا تي عاشق ڪليري کي منهنجي فرنٽ مين طور پيش ڪرڻ وارين خبرن ۾ ڪا به صداقت ناهي

هن چيو ته پهرين معاملي جي جاچ ڪري پوءِ الزام هنيا وڃن، عاشق ڪليري کي مون سان ڳنڍڻ تي قانوني ڪارروائي جو حق رکان ٿو

هي به پڙهندا

موٽر وي اسڪينڊل: نوشهروفيروز ضلعي اندر ساڍا 3 ارب روپين جي ڪرپشن جا ڇرڪائيندڙ انڪشاف