حيدرآباد (بيورو رپورٽ)ايم سڪس موٽر وي ۾ ڪرپشن جي ڪيس ۾ گرفتار ڊپٽي ڪمشنرمٽياري عدنان رشيد کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. ڪرپشن جي خاتمي واري خاص عدالت مٽياري جي اڳوڻي ڊپٽي ڪمشنر کي 7 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي ٻيهر پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي. جاچ ڪندڙ اينٽي ڪرپشن جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر شفاعت شاهه آگاهي ڏني ته ڊپٽي ڪمشنر ايم 6 سکر-حيدرآباد موٽروي ۾ ڪرپشن جو اعتراف ڪيو آهي جنهن کان هڪ گاڏي ۽ 12 لک 60 هزار رپيا به وصول ڪيا ويا آهن. جوابدار جي وڪيل منير احمد راڄپر چيو ته اينٽي ڪرپشن لاڳيتو هڪ هفتو جوابدار کي جسماني رمانڊ تي پاڻ وٽ تحويل ۾ رکيو آهي ان لاءِ هاڻي کيس جڊيشل رمانڊ تي جيل اماڻيو وڃي. پراسيڪيوٽر جنرل سنڌ فياض علي شاهه چيو ته ايم 6 موٽروي منصوبي ۾ وڏي ڪرپشن ٿي آهي جنهن جي جاچ لاءِ ضروري آهي ته اڃا جوابدار اينٽي ڪرپشن پوليس وٽ رهي. ٻڌڻي دوران  اڳوڻي ڊي سي عدنان رشيد عدالت کي چيو ته پوليس مٿس تشدد ڪري ٿي. عدالت پڇاڻو ڪيو ته اوهان تي ڪهڙي نوعيت جو تشدد ٿيو آهي؟ جنهن تي ڊي سي ٻڌايو ته عملدارن کيس چماٽون هنيون آهن ۽ ذهني طور پريشان به ڪيو پيو وڃي. ڊي سي جي وڪيل چيو ته ڊي سي جو ميڊيڪل ڪرائڻ جو حڪم ڏنو وڃي. جنهن تي عدالت سندس ميڊيڪل چيڪ اپ ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي ايندڙ ٻڌڻي تي رپورٽ طلب ڪري ورتي. ٻئي پاسي عدالتي حڪم تي ڊي سي مٽياري کي ميڊيڪل ڪرائڻ لاءِ سول اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتان طبي معائني ۽ ضروري ٽيسٽن کانپوءِ واپس پاڻ سان گڏ وٺي وئي. اسپتال جي ذريعن ٻڌايو ته اڳوڻي ڊي سي دل ۾ تڪليف جي شڪايت ڪئي آهي. سول اسپتال ۾ ڊي سي جي آڻڻ سبب اينٽي ڪرپشن پوليس جا اهلڪار وڏي انگ ۾ موجود هئا.