مٽياري(رپورٽر ) ايم سڪس موٽروي ڪيس جي جاچ لاءِ گهرو سيڪريٽري جي سربراهي ۾ جوڙيل جاچ ڪاميٽي جي ٽيم ڪئمپ آفيس ڊي سي هائوس مٽياري پهتي، جتي طلبيل 6 تپيدارن مان ٻه تپيدار ڪاميٽي آڏو پيش نه ٿيا، مک تپيدار الاهي بخش ڀيو ۽ رجب پنهور پنهنجا موبائل فون ئي بند ڪري ڇڏيا، ڪميٽي سربراهه به ٻنهي تپيدارن پاران پيش نه ٿيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو، چئن تپيدار پنهنجو رڪارڊ پيش ڪيو، پئسا وصول ڪندڙ 22 کاتيدارن مان 11 پيش ٿيا جن کان تفصيلي پڇا ڳاڇا ڪندي سندن بيان رڪارڊ ڪيا ويا ۽ کاتيدارن کان پئسا ملڻ بابت پڪ ورتي وئي، جاچ ڪميٽي پنجن ڪلاڪن تائين انڪوائري ڪندي رهي جنهن بعد روينيو کاتي جي آفيسرن کان به بيان ورتا ۽ لاڳاپيل رڪارڊ جون ڪاپيون حاصل ڪيون، هوڏانهن اين ايڇ اي جي ليگل ٽيم به مٽياري پهچي روينيو آفيس مان رڪارڊ ورتو ۽ سيکاٽ لڳ سائيٽ وزٽ ڪري تفصیل معلوم ڪيا، ياد رهي ته ايم سڪس موٽروي ميگا ڪرپشن اسڪينڊل ۾ ڊي سي، 3 ڊرائيور، هڪ پي ايس او ۽ ڊي سي اڪائونٽنٽ جڙيل شاهه گرفتار ٿيل آهن، جڏهن ته ڪيس ۾ نامزد ٿيل سنڌ بينڪ اسسٽنٽ مينجر تابش شاهه غائب آهي ۽  اسسٽنٽ ڪمشنر نيوسعيدآباد منصور عباسي به گم آهي هوڏانهن مخدوم جميل الزمان جو پي اي اسلم پيرزادو به حفاظتي ضمانت ڪرائي ورتي هئي، ان سان حوالي ذريعن موجب ته تعلقي مٽياري جي 15 کان مٿي ديهن مان 638 ايڪڙن زمين خريد ڪرڻي هئي، جنهن ۾ لڳ ڀڳ 73 کان مٿي کاتيدار شامل هئا، جن مان 20 کان مٿي کاتيدارن کي پئسا مليا هئا، جن کان تصديق ڪرڻ لاءِ جي آئي ٽي ٽيم کين ۽ تپيدارن کي رڪارڊ سميت طلب ڪيو هو، کاتيدارن ايم اين اي حيدرآباد طارق شاهه ڄاموٽ سميت ٻيا کاتيدار شامل آهن، ذريعن موجب تعلقي مٽياري جي ديهه کيبراڻي، اڏيرولال، وساڻ، ٺوڙها، صادري، سيکات، بائوديرو، جئندل ڪوٽ، ٻارچاڻي، پنون، جاکري، گڻنگ ، جاگيراڻي، ريتي ۽ ڀورڪي شامل آهن، جن وٽان موٽروي سڪس ٺهڻو هو جتان کان تقريبن 638 ايڪڙ زمين کاتيدارن کان خريد ڪرڻي هئي، ذريعن موجب جن کاتيدارن کي زمينن جا پئسا جاري ڪيا ويا آهن اهي لڳ ڀڳ ويهه آهن.