حيدرآباد (رپورٽ:امتياز کوسو) موٽروي ميگا ڪرپشن ڪيس، سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ ڀريا تعلقي جي اڳوڻي مختيارڪار نياز علي اڄڻ جي هڪ لک رپين عيوض گرفتاري کان اڳ واري حفاظتي ضمانت منظور ڪري ڇڏي آهي. اڳوڻي مختيارڪار وڪيل نعيم الدين سهتو معرفت ضمانت لاءِ درخواست داخل ڪرائي هئي. وڪيل عدالت کي آگاهي ڏني ته مختيارڪار جو ميگا ڪرپشن سان ڪو به تعلق نه آهي پر تنهن باوجود اينٽي ڪرپشن پوليس ڪيس ۾ نامزد ڪري ڇڏيو آهي ۽ هاڻي کيس ايتري مهلت نه پئي ڏني وڃي جو هو لاڳاپيل عدالت مان ضمانت ڪرائي ڪيس کي منهن ڏئي سگهي. جسٽس خادم حسين تنيو تي مشتمل سنگل بئنچ وڪيل جا دليل ٻڌڻ بعد اڳوڻي مختيارڪار جي ضمانت منظور ڪندي کيس 7 ڏينهن اندر لاڳاپيل عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو. اينٽي ڪرپشن نوشهروفيروز پوليس ڪجهه عرصو اڳ 3 ارب رپين جي ڪرپشن جو ڪيس نوشهروفيروز جي اڳوڻي ڊي سي سميت 22 ڄڻن خلاف داخل ڪيو هو. ضمانت ڪرائيندڙ معطل مختارڪار لاڳيتو روپوش هو جنهن گذريل ڏينهن وڪيل معرفت عدالت ۾ پيش ٿي حفاظتي ضمانت ڪرائي ڇڏي آهي.