حيدرآباد(رپورٽ: امتياز کوسو) نيب چيئرمين ايم سڪس مٽياري ۽ نوشهروفيروز سيڪشن ۾ ٿيل اربين رپين جي ڪرپشن واري ڪيسن جي جاچ گڏيل طور ڪرڻ جي منظوري ڏيندي اها جاچ ڊي جي نيب ڪراچي حوالي ڪري ڇڏي، جڏهن ته نيب نوشهروفيروز موٽروي اسڪينڊل ۾ گرفتار جوابدار عاشق حسين ڪليري جي پلي بارگين واري درخواست به منظور ڪري ورتي آهي. ان سلسلي ۾ حيدرآباد جي احتساب عدالت ۾ موٽروي ميگا ڪرپشن ڪيس جي شنوائي ٿي. جيل پوليس گرفتار ڊي سي عدنان رشيد ۽ ٻين جوابدارن کي عدالت ۾ پيش ڪيو جڏهن ته سندن وڪيل به پيش ٿيا. عدالت نيب کان پڇاڻو ڪيو ته اوهان اڃا تائين ريفرنس ڇو داخل ناهي ڪيو؟ جنهن تي جاچ آفيسر عدالت کي آگاهي ڏني ته جاچ آخري مرحلن ۾ داخل آهي پر نيب چيئرمين مٽياري ۽ نوشهروفيروز سيڪشن ۾ ٿيل ڪرپشن جي جاچ گڏيل طور ڪرڻ جي منظوري ڏني جنهن کانپوءِ ٻنهي ضلعن کان گذرندڙ موٽرويز جي جاچ جو اختيار هاڻي ڊي جي نيب ڪراچي وٽ آهي. گرفتار جوابدار عاشق حسين ڪليري جي وڪيل عدالت کي آگاهي ڏني ته انهن 1244 ملين جي پلي بارگين جي درخواست ڏني هئي جيڪا منظور ٿي چڪي آهي ۽ سندن جوابدار پلي بارگين لاءِ تيار آهي ان لاءِ کيس آزاد ڪيو وڃي. عدالت رمارڪس ڏنا ته نيب جا اعليٰ عملدار کين لکت ۾ منظوري ڏيندا. ان بعد هو جوابدار جي آزادي جو حڪم ڏيندا. عدالت نيب ۽ جوابدارن جي وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد ڪيس جي شنوائي 25 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي.