حيدرآباد (رپورٽ: امتياز کوسو) احتساب عدالت ايم 6 مٽياري/سکر موٽروي ميگا ڪرپشن ڪيس جي ٻڌڻي 9 جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي. عدالت نيب تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي حڪم ڏنو ته ايندڙ ٻڌڻي تائين ريفرنس داخل نه ٿيو ته عملدارن کي شوڪاز نوٽيس اماڻيا ويندا. جيل پوليس گرفتار جوابدار معطل ڊي سي عدنان رشيد، اي سي منصور عباسي، عاشق ڪليري سميت ٻين کي عدالت ۾ پيش ڪيو. وڪيل عشرت علي لوهر ۽ ٻين آگاهي ڏني ته گذريل ٻڌڻي تي لاڳاپيل عدالت نيب کي ريفرنس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو پر اڃا تائين ان ۾ ڪا به پيش رفت ناهي ٿي جڏهن ته نيب جي جاچ واري مدت 6 مهينا آهي جيڪا پوري ٿيڻ باوجود عملدار ريفرنس داخل ناهن ڪري سگهيا جنهن ڪري هو جوابدارن پاران ڏنل ضمانت واري درخواستن تي به دليل نٿا ڏئي سگهن. عدالت نيب جي جاچ آفيسر کان سخت پڇاڻو ڪيو ته اوهان ريفرنس داخل ڪرڻ ۾ ايڏي دير ڇو پيا ڪريو؟. جاچ آفيسر عدالت کي آگاهي ڏني ته انهن سمورا ڪاغذ ريجنل برانچ اماڻي ڇڏيا آهن، هاڻي ريفرنس داخل ڪرڻ جو اختيار انهن وٽ آهي ان لاءِ کين مهلت ڏني وڃي. عدالت رمارڪس ڏنا ته ايندڙ ٻڌڻي تائين جيڪڏهن ريفرنس داخل نه ٿيو ته نيب جي اعليٰ عملدارن کي شوڪاز نوٽيس اماڻيا ويندا. شنوائي دوران نيب عدالت کي 2 ڏينهن اڳ گرفتار ڪيل ٻئي جوابدار اسلم پيرزادو بابت به آگاهي ڏني جڏهن ته گرفتار جوابدار عاشق ڪليري پاران ڏنل پي بي واري درخواست تي دليل ڏيندي سندس وڪيل عدالت کي آگاهه ڪيو ته هو سموري رقم ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهي. جاچ آفيسر پلي بارگين لاءِ درخواست ڏيندڙ جوابدار بابت ٻڌايو ته ان کان 636 ملين رپيا هٿ ڪيا ويا آهن.  جاچ دوران اها به ڄاڻ ملي آهي ته عاشق ڪليري ڪراچي، حيدرآباد، نوشهروفيروز، مري ۽ نوابشاهه ۾ ڪيتريون ئي ملڪيتون خريد ڪيون، وٽس 3 عالمي معيار جون لگزري گاڏيون به موجود آهن، اهي جوابدار 1244 ملين رپين جا فائدا حاصل ڪيا آهن. جاچ آفيسر موجب ته عاشق ڪليري پاران پلي بارگين لاءِ ڏنل درخواست تي غور ويچار هلي رهيو آهي ۽ نيب چيئرمين جي منظوري بعد رقم حاصل ڪري سندس آزادي جو حڪم ڏنو ويندو. عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد ٻڌڻي ٻن هفتن تائين ملتوي ڪرڻ جو حڪم ڏنو.