موٽروي ميگا ڪرپشن جي جاچ مڪمل ڪري ريفرنس داخل ڪرڻ جو حڪم

0
264
موٽروي ميگا ڪرپشن جي جاچ مڪمل
موٽروي ميگا ڪرپشن جي جاچ مڪمل ڪري ريفرنس داخل ڪرڻ جو حڪم

حيدرآباد: نيب کي موٽروي رٿا ۾ 2 ارب روپين جي ميگا ڪرپشن جي جاچ مڪمل ڪري ريفرنس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي

حيدرآباد جي احتساب عدالت جوابدار اسلم پيرزادو جي ضمانت درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو

ٻڌڻي دوران پوليس پاران گرفتار اڳوڻي ڊي سي عدنان رشيد، اي سي ۽ ايريا مئنيجر سوڌو ٻين جوابدارن کي پيش ڪيو ويو

عدالت نيب عملدارن کان پُڇاڻو ڪيو ته جوابدارن کان جاچ مڪمل ٿي وئي يا اڃا رهيل آهي، نيب جاچ ۾ اڳڀرائي بابت جواب لاءِ مهلت گهري ورتي

عدالت نيب کان 12 اپريل تي رپورٽ طلب ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي