نوشهروفيروز (رپورٽ: زاھد راڄپر) ايم سڪس موٽروي ميگا ڪرپشن ڪيس جي جاچ لاءِ نيب ٻيھر سرگرم ٿي وئي، نيب سکر جي ٽيم نوشهروفيروز پھتي، نيب ٽيم پاران اڳوڻي ڊي سي جي اڪائوٽنٽ رستم کوسي جا اڪائونٽس، اثاثن ۽ ٻين دستاويزن جي جاچ ڪئي، ذريعن موجب ٺيڪيدار رحمت الله سولنگي، خالد چنو ۽ ٻين جي اثاثن ۽ اڪائونٽس جي جاچ پڙتال به ڪئي پئي وڃي، نيب پاران بئنڪن ۽ روينيو کان به تفصيل طلب ڪيا ويا آھن، جڏھن ته کاتيدارن کي به جاچ ۾ شامل ڪيو ويو آھي، ٻئي طرف ميگا ڪرپشن ڪيس ۾ اڳوڻو ڊي سي تاشفين عالم اڃا تائين ھٿ اچي نه سگهيو آھي، ذريعن جو چوڻ آهي ته اي آءِ اي اڳوڻي ڊي سي کي واپس آڻڻ لاءِ ڪاغذي ڪارروائي شروع ڪئي آھي، اين ايڇ اي ٺيڪيدار رحمت الله سولنگي، اصغر جتوئي ۽ تپيدار ٺارو خان سميت مختيارڪار نياز اڄڻ به پڪڙ ۾ اچي نه سگهيا آهن، هوڏانهن موٽروي ميگا ڪرپشن ڪيس ۾ جوابدارن جي ضمانت لاءِ ڏنل درخواست تي اينٽي ڪرپشن جي سکر واري خاص عدالت ۾ ٿي، ضمانتن واري درخواست تي وڪيلن دليل ڏنا، جڏھن ته ٻڌڻي ٻيھر 24 جنوري تائين ملتوي ڪئي وئي ۽ ايندڙ ٻڌڻي اينٽي ڪرپشن جي خاص عدالت نوشهروفيروز ڪئمپ ۾ ٿيندي، ميگا ڪرپشن ڪيس جي جوابدارن مختيارڪار محرابپور شفيق سومرو، پي اي عزيز انصاري، اڪائونٽنٽ رستم کوسو، اسٽامپ وينڊر آفتاب سومرو، تپيدار غلام حقاني، سوشل ويلفيئر آفيسر سجاد ميمڻ، سنڌ بئنڪ جي مختيار چانڊيو، ذيشان لاڙڪ ۽ عطا سھتي جي ضمانت لاءِ درخواست ڏنل آھي، ٻئي پاسي ٺيڪيدار خالد چنا جي عبوري ضمانت ۾ به 24 جنوري تائين واڌ ڪئي وئي آهي.