حيدرآباد (رپورٽ: فيض کوسو) موٽروي جي اڏاوت لاءِ مٽياري جي ڊي سي کي زمين جي خريداري لاءِ 4 ارب 9 ڪروڙ رپيا جاري ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. ڊي سي مٽياري لينڊ اڪيوزيشن آفيسر معرفت بئنڪ مان 2 ارب 14 ڪروڙ 91 لک 57 هزار 363 رپيا 26 ڏينهن دوران اڪائونٽ مان ڪڍرائي هڙپ ڪيا جنهن جو ڪو به رڪارڊ نه رکيو ويو ۽ نه ئي وري قانون تحت لينڊ اڪيوزيشن جو ايوارڊ پاس ڪيو ويو. مٽياري مان رقم نڪرڻ جي حوالي سان فيڪٽ فائينڊنگ ڪميٽي جي هڪ رپورٽ منظر عام تي آئي آهي. اها فيڪٽ فائينڊنگ ڪميٽي سنڌ حڪومت قائم هئي هئي جنهن ۾ ايڊيشنل سيڪريٽري فنانس شهمير خان ڀٽو ۽ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو سيڪريٽري نظير احمد قريشي شامل هئا. 5 صفحن تي مشتمل ان رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڊي سي مٽياري پاران ڊسمبر 2020ع ۾ ليند اڪيوزيشن جي رقم لاءِ سنڌ حڪومت جي هدايتن تحت سنڌ بئنڪ ۾ اڪائونٽ کولرايو ويو جنهن ۾ ابتدائي طور هڪ ارب 38 ڪروڙ 59 لک 78 هزار 282 رپيا جاري ڪيا ويا. اها رقم بعد ۾ هڪ خانگي بئنڪ جي اڪائونٽ ۾ منتقل ڪئي وئي جنهن کي ڊي سي مٽياري هلائي رهيو هو. بعد ۾ نيشنل هاءِ ويز اٿارٽي پاران 2 ارب 70 ڪروڙ 66 لک 91 هزار 551 رپين جي رقم جاري ٿي جيڪا پڻ سنڌ بئنڪ ۾ ڊپٽي ڪمشنر مٽياري جي اڪائونٽ ۾ منتقل ٿي. بئنڪ اسٽيٽمينٽ مطابق 12 آڪٽوبر 2010ع تي بئنڪ بئلينس 4 ارب 63 ڪروڙ 48 لک 59 هزار 685 رپيا هو جنهن ۾ 54 ڪروڙ 21 لک 89 هزار 855 رپين جو وياج به شامل هو. 14 آڪٽوبر 2022ع تي سنڌ بئنڪ ۾ هڪ ٻيو اڪائونٽ کوليو ويو. اهو اڪائونٽ لينڊ اڪيوزيشن آفيسر مٽياري/اسسٽنٽ ڪمشنر سعيد آباد جي نالي تي کليو جنهن ۾ اين ايڇ اي وٽان جاري ٿيل رقم 4 ارب 9 ڪروڙ 26 لک 69 هزار 833 رپيا منتقل ڪيا ويا جڏهن ته وياج جي رقم 54 ڪروڙ 21 لک 89 هزار 852 رپيا ساڳئي اڪائونٽ ۾ موجود رهيا جيڪو ڊپٽي ڪمشنر جي استعمال هيٺ هو. فيڪٽ فائينڊنگ ڪميٽي چيو آهي ته کين مليل اسٽيٽمينٽ مطابق 2 ارب 14 ڪروڙ 91 لک 57 هزار 363 رپين جي رقم 438 اوپن چيڪن جي مدد سان ڪڍرائي وئي. اها رقم 17 آڪٽوبر کان 11 نومبر 2022ع تائين 26 ڏينهن ۾ جاري ٿي. ليند اڪيوزيشن آفيسر جي اڪائونٽ ۾ هڪ ارب 94 ڪروڙ 35 لک 12 هزار 470 رپين جي رقم اڃا موجود آهي. ڄاڻايل فيڪٽ فائينڊنگ ڪميٽي لينڊ اڪيوزيشن آفيسر ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر سعيد آباد منصور علي عباسي جي اسٽيٽمينٽ مطابق ڄاڻايو آهي ته هن ڪو به ڪيش بڪ يا اڪائونٽ ليجر ترتيب نه ڏنو. سندس دعويٰ هئي ته هن سمورا مرحلا لاڳاپيل قانون تحت مڪمل ڪيا جڏهن ته ڪميٽي کي ان ڳالهه تي حيرت ٿي ته اڃا تائين لينڊ اڪيوزيشن ايڪٽ جي سيڪشن 11 تحت ڪو به ايوارڊ پاس نه ٿيو آهي.  لينڊ اڪيوزيشن آفيسر کليل چيڪن تحت کاتيدارن کي سموري رقم جاري ڪرائي. انڪوائري دوران لينڊ اڪيوزيشن آفيسر صرف 8 کاتيدارن جا اڻ مڪمل فائيل ڏئي سگهيو. انهن کاتيدارن ۾ سيد غلام مرتضيٰ شاهه، بي بي خورشيد شيراز، شهناز شاهه، سيد علي اڪبر شاهه ڄاموٽ، شاهين شرف شاهه، امل نجيبا شاهه، سيد امِ ابيحا ۽ رابعه شاهه شامل آهن. انهن جي درخواست، شناختي ڪارڊ ۽ غير جڊيشل اسٽيمپ پيپر تي لکيل ايفيڊيوٽ شامل هئا.