ڪراچي/ نوشهرو فيروز (رپورٽ: فقير سليم، حبيب جمالي ۽ زاهد راڄپر ) مٽياري ۽ نوشهروفيروز ضلعن  ۾ پوڻا 8 ارب رپين جي ڪرپشن کانپوءِ سنڌ حڪومت ۾ ٿرٿلو: حيدرآباد کان سکر تائين موٽروي لاءِ زمين جي خريداري لاءِ رقم حاصل ڪندڙ 6 ضلعن ۾ جاچ جو فيصلو، معطل ڊي سي دبئي فرار: نوشهرو فيروز ضلعي جي 843 آبادگارن جي نالي تي اربين رپيا ڪڍيا ويا، جاچ ڪاميٽي رڳو 14 ماڻهن جا بيان رڪارڊ ڪيا، ان ڏس ۾ ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته نوشهرو فيروز ۽ مٽياري ضلعن ۾ موٽروي جي اڏاوت لاءِ زمين جي خريداري واري پوڻا 8 اربن جي رقم ۾ گهوٻين کانپوءِ سنڌ حڪومت فيصلو ڪيو آهي ته انهي روٽ تي ايندڙ سمورن حيدرآباد، مٽياري، نوابشاهه، نوشهروفيروز، خيرپور ۽ سکر  ضلعن جي ڊپٽي ڪمشنرن کي جاري ڪيل رقم بابت تفصيل طلب ڪيا ويندا، جڏهن ته هن وقت تائين ٿيل ادائيگين  جي جاچ لاءِ اينٽي ڪرپشن چيئرمين يا گهرو کاتي جي سيڪريٽري جي سربراهي ۾ اعليٰ سطحي جاچ ٽيم جوڙي ويندي، ٻئي طرف نوشهرو فيروز معاملي جي جاچ لاءِ 3 ڊي جيز سيد سجاد حيدر، طارق شاهه ۽ فاروق بلو تي جوڙيل جاچ ڪاميٽي نوشهرو فيروز پهچي تفصيل معلوم ڪيا، ڪاميٽي ڊي سي آفيس جي ڪاميٽي روم ۾ ويھي زمين جي خريداري لاءِ جاري رقم ۽ رڪارڊ جي ڇنڊ ڇاڻ  پڻ ڪئي ڪاميٽي کي مليل رڪارڊ مطابق 843 کاتيدارن جي نالي تي رقم جاري ڪئي وئي آهي، ڪاميٽي  رڳو 14 کاتيدارن جا جاچ ٽيم بيان رڪارڊ ڪري سگهي، ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته 14 مان 3 کاتيدارن رقم جي حاصلات کان مڪمل انڪار ڪيو، باقي 11 مان 2 کاتيدارن جا سندن نالي تي جاري ٿيل رقم کان گهٽ رقم ملڻ جهڙا بيان رڪارڊ ڪيا ويا، ذريعن موجب زمين جا معاوضا اسسٽنٽ ڪمشنرن معرفت کاتيدارن کي ملڻا هئا پر ڊپٽي ڪمشنر چيڪ بوڪ پاڻ وٽ رکيو، ذريعن ٻڌايو ته ڪاميٽي ميگا ڪرپشن ۾ 4 ئي تعلقن محرابپور، ڪنڊيارو، ڀريا ۽ نوشھروفيروز جي اسسٽنٽ ڪمشنرن، مختيارڪارن ۽ 9 تپيدارن کي به شامل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، هوڏانهن جاچ ڪاميٽي سنڌ جي چيف سيڪريٽري ڏانهن ابتدائي رپورٽ اماڻي سفارش ڪئي آهي ته سمورن کاتيدارن جا بيان رڪارڊ ڪرڻ ۽ انڪوائري مڪمل ڪرڻ لاءِ ڪاميٽي  کي گهٽ ۾ گهٽ هڪ مهيني جو وقت ڏنو وڃي. هوڏانهن وفاقي حڪومت ڊي سي تاشفين عالم کي معطل ڪري ڇڏيو. ٻئي طرف معطل ڊي سي  19 نومبر تي دبئي فرار  ٿي ويو، ان ڏس ۾  ايف آءِ اي اميگريشن ذريعن  جو چوڻ هو ته تاشفين عالم پرڏيهي  اڏام نمبر ايف زيڊ 336 ذريعي دبئي روانو ٿيو هو .  هوڏانهن موٽروي ڪرپشن اسڪينڊل جي ايف آئي اي به جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، ڊي جي ايف آئي اي جي هدايتن تي جاچ لاءِ 2 ٽيمون جوڙيون ويون. ڊائريڪٽر عبدالسلام شيخ موجب نوشهروفيروز ۾ ٿيل ڪرپشن جي جاچ ايف آئي اي شهيد بينظير آباد سرڪل ڪندي، مٽياري ضلعي ۾ ٿيل ڪرپشن جي جاچ ايف آئي اي حيدرآباد سرڪل ڪندي