حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌي ٻولي جي با اختيار اداري پاران موهن جي دڙي جي لکت بابت ڪانفرنس ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ان ڏس ۾ اداري جي بورڊ آف گورنرس جي 39هين گڏجاڻي ۾ ڄاڻ ڏني وئي آهي ته سنڌ حڪومت اداري جي بجيٽ ساڍا 7 ڪروڙ رپين مان وڌائي 15 ڪروڙ رپيا ڪري ڇڏي آهي. بورڊ آف گورنرس جي گڏجاڻي ۾ ڄاڻ ڏني وئي ته اداري پاران سنڌ جي پراڻن قبيلن جي ٻولين ۽ رهڻي ڪهڻي بابت ڊاڪيومينٽريز تيار ڪيون وينديون جڏهن ته سنڌي ٻوليءَ جي مختلف لھجن تي به ڪم ڪيو ويندو. سنڌي ٻولي ۽ لسانيات تي ڪم ڪندڙ ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي ڪندڙن کي اسڪالر شپ ڏيڻ جو به فيصلو ڪيو ويو آهي. بورڊ آف گورنرس جي اجلاس جي صدارت اٿارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر محمد علي مانجهي ڪئي جڏهن ته اجلاس ۾ سنڌ جي ثقافت کاتي واري صوبائي وزير سيد سردار علي شاهه خصوصي طور شرڪت ڪئي. گڏجاڻي ۾ 13 جولاءِ 1853ع تي سنڌي ٻولي کي لازمي قرار ڏيڻ واري ڏينهن جي حوالي سان سنڌ جي تنهن وقت جي ڪمشنر سر بارٽل فريئر کي خراج عقيدت پيش ڪيو ويو. گڏجاڻي ۾ صوبائي وزير سردار شاهه چيو ته سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري جو پهريون ڪم سنڌي ٻولي جي اوسر، سکيا ۽ ترقي لاءِ جاکوڙڻ آهي. سنڌ حڪومت اداري جي گرانٽ هن سال ساڍن ستن ڪروڙن مان وڌائي 15 ڪروڙ رپيا ڪئي آهي. هاڻي اداري کي پنھنجو بنيادي ڪم ڪرڻ گهرجي. اٿارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر محمد علي مانجهي ٻڌايو ته موهن جي دڙي جي لکت بابت هڪ اهم ڪانفرنس ڪرائي پئي وڃي جڏهن ته سنڌ جي پراڻن قبيلن جي ٻولين ۽ سندن رهڻي ڪهڻي بابت ڊاڪيومينٽريز به تيار ڪرايون وينديون ته جيئن انهن ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي ۽ ٻولي جو لهجو محفوظ ٿي سگهي. هن چيو ته ملڪ جي ٻين صوبن ۾ ٻولين تي ڪم ڪندڙ ادارن سان نه رڳو رابطو ڪيو ويندو پر انهن ادارن جو دورو به ڪيو ويندو ته جيئن خبر پوي ته اهي ادارا ٻولي جي حوالي سان ڪهڙو ڪم ڪري رهيا آهن؟ هن چيو ته سنڌي لئنگويج اٿارٽي جي آن لائين ”سنڌي لغات“ رٿا هيٺ ٺھيل پورٽل موجب سنڌيءَ مان انگريزي يا انگريزيءَ مان سنڌي لفظن جا متبادل لفظ، پھاڪا، چوڻيون، اصطلاح، معنائون ۽ خاص لفظ ڳولي گهربل مفھوم پڙهي سگهجن ٿا. هن دعويٰ ڪئي ته پورٽل ۾ سوا ڇھه لک لفظ موجود آهن. ان سان گڏ پورٽل استعمال ڪندڙ ماڻهن پاران ملندڙ نون لفظن جي لسٽ پڻ ٺاھي پئي وڃي. آن لائين سنڌي لغتن واري پورٽل جي ويب برائوزرن لاءِ هڪ جدا ايڪسٽينشن ٺاهي رليز ڪئي وئي آهي. هن ٻڌايو ته ڊڪشنري بورڊ پاران تيار ڪيل ”مفصل سنڌي لغات“ جي چئن جُلدن کي پڻ پروگرامنگ ذريعي ڊڪشنري واري پورٽل ۾ شامل ڪيو ويو آهي. گڏجاڻي ۾ ڊاڪٽر ڪليم لاشاري، ڊي جي اينٽيڪيوٽيز منظور احمد قناصري، اٿارٽي جي سيڪريٽري شبنم گل، بورڊ آف گورننس جي ميمبرن شوڪت حسين شورو، مدد علي سنڌي، جامي چانڊيو، ڊاڪٽر اسحاق سميجو، ڀارو مل امراڻي، ڊاڪٽر احسان دانش، ادريس جتوئي، مختيار احمد ملاح ۽ ٻين شرڪت ڪئي.