موهن جو دڙو (ن پ ا) سنڌ جي عظيم ماڳ موهن جو دڙو جي اسٽوپا اڳيان رکيل ڪنگ پريسٽ جي مجسمي جي تذليل ڪندڙ اڻ سڃاتل ماڻهن جون تصويرون سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويون آهن، ثقافت کاتي پاران تذليل ڪندڙن خلاف ڪيس داخل ڪرائڻ جو اعلان، ان حوالي سان ڏوڪري تعلقي جي سياسي ۽ سماجي اڳواڻن رڪ سنڌي، نثار جتوئي، اسد الله سومرو، رياض حسين، صابر جروار، ڪاشف خاصخيلي پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته قومي ورثن جي بيحرمتي ڪرڻ تي ڏک رسيو آهي، هنن وڌيڪ چيو ته موهن جو دڙو تي مقرر ٿيل انتظاميا جي لاپرواهي سبب ماڻهو قديمي آثارن جي لتاڙ ڪرڻ سان گڏ تاريخي مجسمن جي تذليل ڪري رهيا آهن، هنن ثقافت کاتي کان مطالبو ڪيو ته سنڌ جي تاريخ سان هٿ چراند ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي. هوڏانهن موهن جو دڙو جي ڪيوريٽر احسان عباسي ٻڌايو ته مونکي انهي معاملي جي ڪا به ڄاڻ ناهي. ٻئي طرف ثقافت واري وزير سيد سردار شاهه مامري جو نوٽيس وٺندي موهن جو دڙو تي مقرر آرڪيٽيڪٽ نويد د سانگاهه کي هدايت ڪئي آهي ته موهن جو دڙو ايئرپورٽ ٿاڻي تي ڪنگ پريسٽ جي بيحرمتي ڪندڙن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرائي، جڏهن ته سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل تصويرن جي نادرا کان ويريفڪيشن ڪرائي ٽن ڏينهن اندر رپورٽ پيش ڪئي وڃي.