موهن جو دڙو (ن پ ا) موهن جو دڙو جي ڪچي ۾ ٻيلي کاتي جي عملدارن پاران 200 ايڪڙ زمين تان قبضا ختم ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. ڊي ايف او مالڪ ڏنو ملاح جي نگراني ۾ عملي پوليس جي مدد سان ڳري مشينري ذريعي امروٽ ٻيلي ۾ ڪاروائي ڪئي. قبضي هيٺ آيل سرڪاري زمين تي ٽريڪٽر هلائي بااثر ماڻهن کان قبضو ڇڏائي زمين خالي ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي. جڏهن ته قبضي واري زمين تي غير قانوني طور لڳل ٽيوب ويل ۽ انهن جا بور مشين ذريعي پٽي تحويل ۾ وٺي ڇڏيا آهن. ان موقعي ڊسٽرڪٽ فاريسٽ آفيسر مالڪ ڏنو ملاح ميڊيا کي ٻڌايو ته تعلقي ڏوڪري ۽ باقراڻي ۾ بااثر ماڻهن ٻيلن جي زمين تي قبضا ڪيا آهن. جن کان قبضا ڇڏائڻ لاءِ قانوني ڪاروائي ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته مختلف ٻيلن جي سرڪاري زمين تي ڪيل غير قانوني قبضا ڇڏائڻ لاءِ کاتي طرفان ڪاروائي جاري رهندي.