موهن جو دڙو (ن پ ا) موهن جو دڙو جي ڏيرا ڳوٺ جو رهواسي آر آر ايف اهلڪار دلبر ڏيرو کي ڪراچي مان ڊيوٽي دوران قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي عملدارن کنڀي گم ڪري ڇڏيو آهي.وارثن فهد ڏيرو، دلشاد  ڏيرو، ذاڪر ڏيرو، مٺل ڏيرو ۽ ٻين چوڻ هو ته ٻه سال اڳ 5 آگسٽ 2020 ۾ دلبر ڏيرو موڪلن تي ڳوٺ گهر وارن سان عيد ملهائڻ آيو هو، جنهن کي علائقي جي هڪ هوٽل تان رياستي ادارن کنڀي گم ڪيو هو، جنهن کي پنج ڏينهن بعد آزاد ڪيو ويو هو، هنن چيو ته هڪ دفعو ٻيهر آر آر ايف نيول بيس سينٽر ڪراچي مان رياستي ادارن کنڀي گم ڪري ڇڏيو آهي، هو هڪ پاڪستان سيڪيورٽي فورس آر آر ايف جو ملازم آهي. جنهن جو ڪنهن به سياسي پارٽي سان تعلق نه آهي. واضح رهي ته تعلقي ڏوڪري جا ٻن ڏينهن دوران ظهير ٻٽ، دلبر ڏيرو، سرمد ميراڻي ۽ فرحان ميراڻي سميت 4 نوجوان کنڀي گم ڪيا ويا آهن.