موهن جو دڙو (رپورٽ: شهاب جتوئي) موهن جو دڙو جي ايراضي ڪيتري؟ تحقيق واسطي ورتل 702 نمونن تي 6 سال کان ڪم بند .جيولاجي شعبي جي ماهرن نمونن تي تحقيقي ڪم مڪمل ڪري رپورٽ ثقافت کاتي حوالي ڪري ڇڏي آهي. ان ڏس ۾ موهن جو دڙو بابت جوڙيل فني مشاورتي ڪاميٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر ڪليم الله لاشاري ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته موهن جو دڙو جي مختلف ماهرن سرجان مارشل، مارٽيمر ويلر، ارنيسٽ نيڪي، ڪي اين ڊڪشٽ ۽ ڊاڪٽر ڊَيل طرفان مختلف موقعن تي ماڳ جي حصن جي ڪيل کوٽائي دوران ماهر زمين اندر 80 فوٽن تائين کوٽائي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر ماهرن 35 فوٽ زمين اندر کوٽائي ڪئي ته پاڻي نڪري پيو، جنهن ڪري کين وڌيڪ اونهائي ۾ کوٽائي بند ڪرڻي پئي. هن چيو ته اهو ئي سبب آهي ته موهن جو دڙو جي پهرين اڏيل گهر جو بنياد ڪيئن ڳولهجي، ان لاءِ ماهرن ڊراءِ ڪور ڊرلنگ جي تجويز ڏني، جنهن سان ماڳ چوڌاري مختلف هنڌن تي 45 بور ڪري انهن مان 702 نمونا ورتا ويا. جنهن ۾ جيولاجيڪل تحقيق آرڪيالاجيڪل ۽ ڪلچرل تحقيق ۽ مليل هڏين مان ڪاربان ڊيٽا چڪاس ڪرائڻي هئي. جن مان جيولاجي ماهرن پهنجي رپورٽ ڏني آهي ته موهن جو دڙو جي ايراضي ماضيءَ جي ڀيٽ ۾ وڌي 900 ايڪڙ ٿي آهي. هن چيو ته موهن جي دڙي جي ايراضي جو وڏو حصو اوڀر طرف وهندڙ درياهه ۽ ان جي ڪچي واري ايراضي تي مشتمل هو، جنهن جو وڏو حصو سنڌو درياهه پائي ويو. هن چيو ته آرڪيالاجي ۽ ثقافتي عنصرن جي ڄاڻ وٺڻ لاءِ هڪ ڪاميٽي ٺهيل آهي جنهن ۾ ڊاڪٽر ڪليم الله لاشاري مائيڪل جانسن ۽ آمريڪن ماهر ڊاڪٽر جوزف شامل آهن. ڪاميٽي جي گڏجاڻي 26 جولاءِ تي ٿيڻي هئي پر هڪ ميمبر پرڏيهي ماهر مائيڪل جانسن جي فوت ٿيڻ بعد نه ٿي سگهي آهي. هن چيو ته جلد ان جي گڏجاڻي ڪري تحقيقي ڪم شروع ڪيو ويندو.